| سينيٽ ۾ نرسنگ اينڊ مڊ وائفري ڪائونسل بل 2026ع منظور |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ پاڪستان نرسنگ اينڊ مڊ وائفري ڪائونسل بل 2026 منظور ڪري ورتو. ايوان جي ڪارروائي دوران باني پي ٽي آءِ سان ملاقاتن، جيل سهولتن ۽ ملڪ ۾ قانون جي هڪجهڙي عملداري جو معاملو به بحث هيٺ آيو. سينيٽر منظور ڪاڪڙ چيو ته انمول عرف پنڪي عدالت ۾ ائين پيش ٿي جيئن قانون کان مٿانهين هجي. سينيٽ جو اجلاس پريزائيڊنگ آفيسر شيري رحمان جي صدارت ۾ ٿيو. اپوزيشن ليڊر علامه ناصر عباس چيو ته حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ڪرائي وڃي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن.