سينيٽ ۾ گڏهن جو ذڪر: سينيٽر وقار مهدي ۽ سيف الله ابڙو پاڻ ۾ اٽڪي پيا

جُون 13, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ بجيٽ بحث ڊوران گڏهن جو ذڪر، سينيٽر وقار مهدي ۽ سيف الله ابڙو ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي.

 سينيٽر ڊاڪٽر همايون مهمند حڪومت تي  طنز ڪندي چيو ته عوام کي پاڪستان تباهه موومينٽ جو هڪ سال مبارڪ هجي، پي ڊي ايم حڪومت اچڻ سان گڏهن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو آهي، موجوده ٿڪل نظام کي عوام پنهنجي ووٽ سان بدلائيندو،

 جڏهن ته سينيٽر وقار مهدي ۽ سينيٽر سيف الله ابڙو وچ  ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، وقار مهدي چيو ته هتي چيو ويو ته هڪ سال دوران گڏهن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو، اصل ۾ اهي گڏهه 2018ع ۾ پيدا ٿيا پر ڳڻيا هاڻي ويا آهن،

 هي گڏهه ڪجهه مهينا پهريان يتيم ٿي چڪا آهن، 2018ع ۾گڏهن جي پيدائش وارن لفظن تي سينيٽر فوزيه ارشد ۽ سيف الله ابڙو سخت احتجاج ڪيو، سينيٽر بهرامند تنگي سيف الله ابڙو طرف اشارو ڪندي چيو ته جناب چيئرمين هن کي پٽو وجهو،

 ڊپٽي چيئرمين سينيٽ گڏهن جي پيدائش جا لفظ ڪارروائي مان خارج ڪرائي ڇڏيا

Leave A Comment