| سينيگال عراق کي 0-5 گولن تان هارائي نئين تاريخ جوڙي ڇڏي |
ٽورنٽو (اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ سينيگال عراق کي 0-5 تان شڪست ڏئي هڪ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي. ٽورانٽو ۾ کيڏيل گروپ ’آئي‘ جي ميچ ۾ سينيگال عراق کي آئوٽ ڪلاس ڪندي 0-5 تان هارائي ڇڏيو. سينيگال جي طرفان حبيب ديارا چوٿين منٽ ۾ برتري ڏياري، پاپ گيي 2 جڏهن ته اسماعيلا سار ۽ ايليمان نديائي جي هڪ هڪ گول هن ڪاميابي کي تاريخي بڻائي ڇڏيو. سينيگال فيفا ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ هڪ ئي ميچ ۾ 5 گول ڪندڙ پهرين ايفريڪي ٽيم بڻجي وئي آهي. عراق خلاف وڏي مارجن سان فتح کان پوءِ سينيگال جي ناڪ آئوٽ مرحلي تائين پهچڻ جون اميدون برقرار آهن.