| سينٽر مان ڇو ڪڍيو؟ جعلي اميدوار جو استاد تي حملو، رتورت |
نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ جي امتحاني مرڪز ۾ نائين درجي جي هلندڙ پريڪٽيڪل دوران استاد پاران جعلي اميدوار کي پريڪٽيڪل ڏيڻ کان روڪڻ تان جعلي اميدوار دلشاد راجپوت ڏمرجي استاد کي مٿي ۾ ڌڪ هڻي زخمي ڪري وڌو جنهن کي صحت مرڪز نئون ڪوٽ منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد گهر روانو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول نئون ڪوٽ جي استاد جئي ڪمار مالهي ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته نئون ڪوٽ جي امتحاني مرڪز ۾ نائين درجي جي پريڪٽيڪل جو پيپر ورتو پئي ويو ته انھي دوران اميدوار عبدالرحمان راڄپوت جو پيپر جعلي اميدوار ڏئي رهيو هو جنهن کي اسان روڪي چيو ته اصل اميدوار کي موڪليو اهو پاڻ پيپر ڏي جنهن تان هن ڏمرجي استادن سان بدتميزي ڪئي، جنهن بعد اسان کيس اٿاري پريڪٽيڪل وٺي روانو ڪيو ته واپسي ۾ هو ٻين رشتيدارن کي وٺي اچي مون سميت ٻين استادن تي حملو ڪيو، ۽ مون کي پاڻي واري لوهي بوتل هڻي زخمي ڪيو آهي، هن چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن بااثر ڌرين جي مداخلت ۽ دٻاءَ بعد زخمي استاد جئي ڪمار ڪيس داخل ڪرائڻ واري معاملي تان هٿ کڻي ويو، هن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته تشدد ڪندڙ ڌر پاران معافي گهري آهي، جنهن بعد اسان کيس معاف ڪندي ڇنڇر جي ڏينهن فيصلو رکيو آهي، ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي نئون ڪوٽ پوليس ٻڌايو ته اسان اطلاع تي فورن جوابدار کي پڪڙي لاڪ اپ حوالي ڪيو پر بعد ۾ متاثر ڌر ڪيس داخل ڪرڻ تان هٿ کڻي وئي آهي، جنهن جي ڪري اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون