| سيوهڻ جو شهباز ايئرپورٽ 30 سالن کان غيرفعال بڻيل |
ڀان سيدآباد (ن پ ا) بوبڪ ڀرسان قائم شهباز ايئرپورٽ اختيارين کان وسري ويو، 30 سالن کان غيرفعال بڻيل رهيو، 1993ع ۾ پ پ دور ۾ ان وقت جي وزير اعليٰ سيد عبدالله شاهه جي ڪوششن سان بوبڪ وٽ ايئرپورٽ ٺاهيو ويو هو، ايئرپورٽ مختصر وقت آپريشنل رهڻ کانپوءِ لاڳيتو بند آهي، غير فعالي کي 3 ڏهاڪا گذري ويا پر هن وقت تائين ايئرپورٽ بند پيل آهي، سار سنڀال نه لهڻ سبب ايئرپورٽ جو انفرااسٽرڪچر مڪمل طور تباه ٿي ويو، ڪمرا، لائونچ هال، ويٽنگ ايريا، آفيسن جو عمارتون زبون حال ٿي ويون آهن، 2010 ۽ 2022 جي ٻوڏن ۾ ايئرپورٽ ٻڏل رهيو جنهن ڪري ڪافي سامان لڙهي ويو، ايئرپورٽ تي لائٽنگ لاء لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون پڻ چورلاهي ويا جنهن ڪري ايئرپورٽ تي مڪمل اونداهي ڇانيل آهي.