سيوهڻ جي شاگرد راڪ ۽ وال ڪلائمبنگ ۾ ٽيون نمبر ماڻي ورتو

سيوهڻ جي شاگرد راڪ ۽ وال ڪلائمبنگ ۾ ٽيون نمبر ماڻي ورتو

سيوھڻ (ن پ ا) پاڪستان جي گادي واري شھر اسلام آباد ۾ جبل ۽ وال چڙھائي جا قومي سطح جي راند جا مقابلا منعقد ڪيا ويا، جنهن ۾ سنڌ، پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير مان 30 کان وڌيڪ جبل چاڙھن حصو ورتو. مقابلي ۾ حصو وٺندڙ ڊگري ڪاليج سيوھڻ جي 12 ڪلاس جي شاگرد دلشاد علي سولنگي انڊر 19 ڪيٽيگري ۾ راڪ ڪلائمبنگ ۽ وال ڪلائمبنگ ۾ ٽيون نمبر حاصل ڪري ورتو آهي، شاندار ڪارڪردگي ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي دلشاد سولنگي کي 2 ميڊل ۽ 25 ھزار رپيا روڪ انعام پڻ ڏنو ويو. ان حوالي سان سيوھڻ ٽيم جي سرواڻ پروفيسر ساجد ڀٽو چيو  ته گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سيوهڻ جا 3 شاگرد قومي سطح تي راڪ ڪلائمبنگ جي مقابلن ۾ شامل ٿيا، جن مان اسان جو هيرو دلشاد علي سولنگي انڊر 19 ڪيٽيگري ۾ راڪ ڪلائمنگ ۽ وال ڪلائمنگ ۾ ٽيون نمبر حاصل ڪري 2 ميڊل کٽي ورتا ۽ کيس روڪ رپيا انعام پڻ ڏنو ويو.