سيوهڻ: سنڌي اسٽيج ناٽڪ“اڄ جي ڪهاڻي” پيش

سيوهڻ: سنڌي اسٽيج ناٽڪ“اڄ جي ڪهاڻي” پيش

سيوھڻ(ن پ ا) سيوھڻ ۾ ٽيليويزن ۽ اسٽيج جي سينيئر اداڪار ۽ ڊائريڪٽر ايم اشرف عطار جي قلم سان سرجيل سنڌي اسٽيج ناٽڪ “اڄ جي ڪهاڻي” پيش ڪيو ويو. جنهن ۾ راجا شاھنوازسولنگي، رمشا شھزادي، اشرف عطار، نظر رونجھو، سدره شيخ، ڪشور جبين، يونس سنائي، رفيق آزاد ملاح ۽ ٻين پنهنجن ڪردارن ۾ حقيقت جو رنگ ڀري پاڻ مڃرايو، ناليواري اداڪار عبدالمنان عرف ماما لالو شاندار ڪمپيئرنگ ذريعي تقريب کي چارچنڊ ھڻي ڇڏيا. ڊرامي ۾جاڳرتا جو مسيج ڏنو ويو ته هن ٽيڪنالاجي جي دور ۾ موبائل فون مان ڪهڙا فائدا ۽ نقصان آهن؟  ڪجهه نياڻيون موبائل جي غلط استعمال ذريعي پيار جي ڪوڙي ڄار ۾ ڦاسي بليڪ ميلرن جي ور چڙهي وڃن ٿيون، انهي جا نتيجا والدين کي ڀوڳڻا پون ٿا