| سيوهڻ مان پسند جي شادي تان اغوا 3 عورتون راڄوڻي ذريعي بازياب، 8 ڄڻا گرفتار |
سيوھڻ (ن پ ا) سيوهڻ ۾ پسند جي شادي تان 3 عورتن جي اغوا ٿيڻ بعد, پوليس مختلف ھنڌن تي ڪارروائيون ڪيون، جڏهن ته راڄوڻي ڪوشش بعد اغوا ٿيل ٽنھي نارين کي بازياب ڪرائي 8 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾ چانڊيا ۽ برھماڻي برادري وچ ۾ پسند جي شادي واري معاملي بعد برھماڻي برادري جي 3 عورتن جي اغوا وارو مامري بعد پوليس مختلف ھنڌن تي ڪاروايون ڪندي ۽ راڄوڻي ڪوشش بعد اغوا ٿيل ٽنھي عورتن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي جيڪي عورتون علائقي جي معزز شخص حوالي ڪيون ويون آهن, ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا پاران پڻ عورتن جي بازيابي جي تصديق ڪئي وئي آهي, ايس ايس پي ڄامشورو موجب بازياب ٿيل نارين ۾ مسمات سوني برھماڻي, مسمات نغما ۽ مسمات ثمينا شامل آهن, ٻئي طرف پوليس عورتن کي اغوا ڪرڻ جي الزام ۾ وڌيڪ 8 جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي, ياد رھي ته چانڊيا برادري جي ھٿياربندن 3 ڏينهن اڳ سيوھڻ جي ڳوٺ جان محمد ڀٽي ۾ برھماڻي برادري جي گھر تي حملو ڪري 3 عورتن کي اغوا ڪيو ھو ۽ فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو ھو بازياب ٿيل ٽنھي عورتن جي اغوا جو ڪيس اينٽي ٽيررزم ايڪٽ تحت ڪالھ سيوھڻ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ھو, جنهن به اڄ ناريون بازياب ٿي ويون آهن.