سيوهڻ: منڇر ڍنڍ جي بند تي ملاح برادري ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو: فائرنگ ۾ نوجوان قتل

سيوهڻ: منڇر ڍنڍ جي بند تي ملاح برادري ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو: فائرنگ ۾ نوجوان قتل

سيوھڻ(رپورٽ: اشرف عطار) منڇر ڍنڍ جي بند تي ملاحن جي پراڻي تڪرار تان فائرنگ، ھڪ شخص قتل، لاش سيوھڻ اسپتال آندو ويو، جوابدار فرار تفصيل موجب سيوھڻ جي يوسي بوبڪ ۾ منڇر بند تي پراڻي جھيڙي واري تڪرار تان ھڪ ڌر سان لاڳاپيل جوابدارن فائرنگ ڪري هڪ 42 ورھين جي شخص دين محمد ولد محمد ملاح کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، علائقي واسين پاران واقعو پراڻي تڪرار جو نتيجو قرار ڏنو آهي جڏهن ته واقعي بعد حملو ڪندڙ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ھوڏانھن اھڙو اطلاع ملڻ تي مقامي پوليس جھيڙي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي پوسٽ سيوھڻ اسپتال منتقل ڪيو. واقعي بابت مقتول شخص جي مامي الھه بچايو ملاح جو صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي مقتول ڀاڻج کي جوابدار ذوالفقار ملاح، مالهي، غفور، رشيد ۽ گل حسن ملاح گوليون ھڻي قتل ڪيو آهي، مقتول ڀاڻج جو پراڻي تڪرار تان جوابدار ڌر سان جهيڙو ٿيو هو، جنهن جو ٺاھه به ٿيو هو پر ڪالھ فڄاڻايل ڌر جا ماڻهون کيس قتل ڪري ڇڏيو آهي، ان لاءِ اسان انصاف فراھم ڪيو وڃي. ھوڏانھن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي سيوھڻ فراز علي ميتلو ٻڌايو ته پوليس واقعي جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آهي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ھوڏانھن مقتول جو مڙھه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪو ڳوٺ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.