| سيوهڻ ويجهو ڪاڄ ۾ فائرنگ روڪرائڻ لاءِ پهتل پوليس تي حملو: گهوٽ سميت 15 ڄڻن تي ڪيس داخل |
سيوهڻ(رپورٽ: اشرف عطار) ڳوٺ ڪرمپور ۾ شادي تقريب ۾ ٿيندڙ فائرنگ روڪرائڻ لاء پھتل ماھي اوٺو ٿاڻي جي پوليس اھلڪارن تي ڳوٺاڻن جو حملو, پوليس موبائيل کي سخت نقصان, گھوٽ سميت 15 ڄڻن تي حملي جو ڪيس داخل, تفصيل موجب سيوھڻ لڳ ڳوٺ ڪرمپور باء پاس وٽ شاديء ۾ فائرنگ ڪرڻ کان روڪڻ تي بڙدي برادري جي ماڻهن پاران ماهي اوٺو ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت پوليس تي حملو ڪري پوليس موبائيل کي سخت نقصان رسايو ويو آهي جنهن بابت ڪيس داخل ڪيو ويو. جيڪو ڪيس ايس ايڇ او ماهي اوٺو بشير سولنگي جي فرياد تي گناه نمبر 13 قلم 337، 112,114, 353,440 ,186,427, 148, 149 تحت ڊيوٽي اٽڪاء ۽ حملي جو داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايف آئي آر ۾ جوابدار وحيد، وسيم، سارنگ بڙدي سميت 15 نامعلوم جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي ۽ حملي واري ايف آئي آر ۾ گهوٽ تيمور عرف تصور بڙدي کي به نامزد ڪيو ويو آهي پر آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي ھئي. واقعي بابت ڊي ايس پي سيوهڻ فراز علي ميتلو ٻڌايو ته جوابدارن شادي ۾ فائرنگ ڪئي جنهن تان روڪڻ تي جوابدارن پوليس جي ڪم ۾ مداخلت ڪندي ماھي اوٺو ٿاڻي جي ايس ايڇ او مٿان حملو ڪري پوليس موبائيل کي سخت نقصان رسايو جوابدارن پوليس مٿان پٿراء ڪيو، غيرقاني هٿيارن سان فائرنگ ڪئي جنهن بعد جوابدار فرار ٿي ويا آهن فرار ٿيل جوابدارن کي جلد گرفتاري سخت سزا ڏياري ويندي.