سيوهڻ ويجھو زمين جي تڪرار تان جتوئي_ پنجوٿا ڌرين ۾ ويڙهاند، 1 ڄڻو قتل، 4 زخمي

سيوهڻ ويجھو زمين جي تڪرار تان جتوئي_ پنجوٿا ڌرين ۾ ويڙهاند، 1 ڄڻو قتل، 4 زخمي

سيوھڻ(رپورٽ: اشرف عطار) سيوھڻ لڳ لوڪل بورڊ لنڪ روڊ وٽ واقع ڳوٺ علي مراد پنجوٿو ۾ زرعي زمين جي پراڻي تڪرار تان پنجوٿا ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ خونريز جهيڙو ٿي پيو ، جنهن ۾ ھٿيارن جا منھن کلي وڃڻ ۽ دوبدو فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو شهاب الدين عرف ڇوٽو جتوئي موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا مشتاق جتوئي، حاجي خان پنجوٿو، حاجي صاحب پنجوٿو ۽ رياض پنجوٿو سخت زخمي ٿي پيا جنهن بعد مقتول جو لاش ۽ زخمين کي سيوھڻ اسپتال آندو ويو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. زخمين مان مشتاق جتوئي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کيس وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. ھوڏانھن واقعي بعد وڏي انگ ۾ جتوئي ۽ پنجوٿا برادري جا ماڻهون سيوھڻ اسپتال گڏ ٿي ويا. ڄاڻو ذريعن موجب ته ٻنهي ڌرين ۾ زمين جي مالڪي جي تڪرار تان ڪجهه عرصي کان تڪرار هلندڙ هو ۽ ڌريون فيصلي لاءِ علائقي جي چڱن مڙسن ڏانهن به پنڌ ڪنديون رھيون، پر سندن فيصلو نه ٿيڻ ڪري جيڪو معاملو خوني جھيڙي جو رخ اختيار ڪري ويو. ٻئي طرف مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي جيڪو ڳوٺ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. ھوڏانھن واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ ڏھڪاءُ واري ڪيفيت ڇانيل پيدا آهي ۽ ٻئي ڌرين جي مورچا بند ٿيڻ ڪري ڪنهن به وقت وڌيڪ خونريزي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف سيوهڻ پوليس واقعي جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪري معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رھي آهي.