سيوهڻ پوليس جو ڪارنامو: نينگر جي قبرڪشائي بدران وڏي ڄمار جي همراهه جي قبر کوٽي ڇڏي

سيوهڻ پوليس جو ڪارنامو: نينگر جي قبرڪشائي بدران وڏي ڄمار جي همراهه جي قبر کوٽي ڇڏي

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سيوهڻ شريف جي مين شاھي بازار مان گم ٿيل نينگر غلام رسول عرف عمير سھتو جو 4 مھينن کان پتو نه پيو، پوليس جي ناڪامي خلاف وارثن پاران سنڌ ھاءِڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي سيوھڻ پوليس پاران غلط قبرڪشائي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جاچ دوران ٻي قبرڪشائي ڪئي وئي، پوليس عدالت کان وقت  گھرندي چيو ته، 20 ڊسمبر تائين ڊي اين اي رپورٽ پيش ڪنداسين. سيوھڻ پوليس پاران جاچ جاري نه رکڻ تي عدالت پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڇنڊ پٽي. پوليس عدالت کي آگاهي ڏني ته قبرڪشائي ٿي وئي آھي، جاچ ۽ ڊي اين اي سيمپلز جي رپورٽ لاءِ وقت ڏنو وڃي، درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پوليس طرفان 2 قبرن جي قبر ڪشائي ڪئي وئي. ايڌي جي نشاندهي تي پھريان قبرڪشائي تي وڏي مرد جي قبر نڪتي بعد ۾ 20 ڏينھن بعد ٻي قبرڪشائي بعد نينگر جي قبر جا سپيملز ورتا ويا پوليس  کي حڪم ھو ته ھو ته نينگر جي ڳولا جي جاچ جاري رکن پر پوليس طرفان اھڙي ڪا به اڳڀرائي ناھي ٿي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي ڊي اين اي رپورٽ طلب ڪري ورتي.