سيوهڻ ڀرسان ٻيلي کاتي جي زمين تان جهيڙو، فائرنگ، ڳوٺاڻو قتل
مارچ 24, 2025
سيوهڻ(رپورٽ: اشرف عطار) سيوهڻ جي ڪچي واري علائقي ماهي اوٺو ٿاڻي جي حد ۾ ٻيلي کاتي جي زمين جي مالڪي تان بڙدي ۽ اوٺا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو فائرنگ جي نتيجي ۾ مورچي تي ويٺل ھڪ شخص محمد حسن بڙدي موقعي تي مارجي ويو، ٻئي پاسي 9 ڪلاڪن فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ايس ايس پي ڄامشورو معاملي جو نوٽس ورتو ايس ايچ او سيوھڻ ۽ ماھي اوٺو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش تحويل ۾ ورتو پوليس جي پھچڻ بعد فائرنگ جو سلسلو بند ٿي ويو ، پوليس مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف مقتول جي پٽ مير هزار بڙدي جي فرياد تي ماھي اوٺو ٿاڻي تي ڊسٽرڪٽ ميمبر علي اڪبر اوٺو، هيڊ ماستر هائي اسڪول ڪرمپور حضور بخش اوٺو، نظام الدين اوٺو، فياض علي اوٺو ۽ عاشق علي اوٺو سميت 6 ڄڻن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته فائرنگ سبب ڳوٺ ڪرمپور ۽ آس پاس وارن ڳوٺن ۾ خوف واري صورتحال برقرار آهي، ۽ ڄاڻايل ٻنهي ڌرين جي شديد فائرنگ سبب ڪچي ۾ ڪڻڪ جي لاباري تي ويندڙ هاري مزدور ڪچي جا رهواسي شديد پريشاني کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا هئا،جڏهن ته ٻڌايو وڃي ٿو ته ضلعي ڪائونسل جي ميمبر اڪبر اوٺو ۽ بڙدي برادري وچ ۾ ٻيلي کاتي واري جي زمين جي مھاڳ واري تڪرار تان ڌريون مورچا بند ٿي ويون هيون جن تي ضابطو آندو ويو آهي ھوڏانھن ايس ايس پي ڄامشورو صديق ظفر ڇانگا ڳوٺ ڪرمپور پھچي واقعي واري ھنڌ جو معائنو ڪيو ۽ پوليس کان ٻنهي ڌرين جي جھيڙي بابت معلومات ورتي ۽ چيو ته معاملو پوليس جي ڪنٽرول ھيٺ آهي ڪنهن کي به قانون کي پنهنجي ھٿ ۾ کڻڻ نه ڏنو ويندو.