سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي آفيسر تي عورت ملازمه کي حراسان ڪرڻ جو الزام

آگسٽ 2, 2023

ڄامشورو(رپورٽر) سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ عورت ملازمه ڊپٽي ڊائريڪٽرلينڊ تي هراسمينٽ جو الزام لڳايو آهي سندس چوڻ آهي ته ڊپٽي ڊائريڪٽر کيس  چوي ٿو ته دوستي رک نه ته تنهنجو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيندس

تفصيل موجب سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ هڪ عورت ملازمه رفيعه سلطانا پنهور  کي ڊپٽي ڊائريڪيٽر لينڊ سڄڻ ڪيهر پاران حراسان ڪرڻ جو معاملو سامهون آيو آهي

ان حوالي سان متاثرا ملازمه رفيعه سلطانا پنهور جو چوڻ آهي ته کيس ڊپٽي ڊائريڪٽر لينڊ، اڪائونٽس، ايڊمن آفيسر سڄڻ ڪيهر چيو آهي ته مون سان دوستي رک نه ته تنهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندس

هن چيو ته ايس ڊي اي ۾ عورت ملازم محفوظ نه آهن، سڄڻ ڪيهر ايس ڊي اي کي پنهنجي ذاتي جاگير بڻائي ويٺو آهي، مختلف وقتن تي حراسمينٽ ڪندو رهي ٿو

 رفيعه سلطانه چيو ته سڄڻ ڪيهر آفيس ۾ فزيڪلي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،واقعي بعد سڄڻ ڪيهر جو سماجي بائيڪاٽ ڪري سلام ڪرڻ ڇڏي ڏنو جنهن تان هو مسلسل حراسان ڪري رهيو آهي

عورت ملازمه جو چوڻ هو ته منهنجي لاءِ ڊيوٽي عذاب بڻائي وئي آهي غير قانوني شوڪاز ڏئي ٽرانسفر ڪيو ويو، منهنجي بدلي ان جاءِ تي ڪئي وئي آهي جتي واش روم به نه آهي

Leave A Comment