سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ مالي بحران: ملازم پگھارن کان محروم

سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ مالي بحران: ملازم پگھارن کان محروم

ڪوٽڙي (رپورٽر) سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ ۾ مالي بحران برقرار آهي، ملازم 14 مهينن کان پگهارن کان محرومآهن، ملازمن پگهارون نہ ملڻ خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ ۽ وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جي ملازم يونين جي اڳواڻن شبير باجاري، آصف خاصخيلي، ذوهيب صديقي، شبير ٻنگ ۽ ٻين ڪوٽڙي شهر جي المدينا چونڪ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ ڪامورن جي ڪرپشن سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي، بار بار احتجاجن باوجود اختياريون اداري ۾ ڪرپشن جي جاچ ڪرائڻ لاءِ تيار ناهن. هنن چيو تہ اٿارٽيءَ جي ملازمن کي گذريل 14 مهينن کان پگهارون نہ مليون آهن، جنهنڪري ملازمن جي گهرن ۾ فاڪاڪشي واري صورتحال آهي. اٿارٽيءَ جا عملدار صرف آسرا ڏين ٿا پر پگهارون نٿيون ڏنيون وڃن. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ ۾ ٿيل ڪرپشن ۽ مالي بي ضابطگين جي جاچ ڪرائي اداري جو ڏيوالو ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن چتاءُ ڏنو تہ جيڪڏهن جلد پگهارون نہ مليون تہ اٿارٽيءَ جي ڪرپٽ عملدارن خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي ۽ وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو پڻ هنيو ويندو.