سيوھڻ (رپورٽ: اشرف عطار ) سيوھڻ پوليس ڳوٺ ڪرمپور لنڪ روڊ وٽان ڪيسن ۾ گھربل جوابدار وسيم ھاليپوٽو کي گرفتار ڪيو ته جوابدار جي ڀاءُ پوليس اھلڪار مشتاق ٻين ڀائرن سان گڏجي پوليس موبائل کي روڪي جوابدار کي ڇڏرائي ورتو
اهلڪار مشتاق ڀاءُ کي ڇڏرائڻ بعد پوليس موبائل جا شيشا ٽوڙي فائرنگ ڪندو فرار ٿي ويو ايس ايڇ او سيوھڻ ۽ ٻيا اھلڪار جانيون بچائي ٿاڻي تي پھتا
ايس ايڇ او سيوھڻ زاھد حسين جھتيال جي فرياد تي حملو ڪندڙ پوليس اھلڪار مشتاق ھاليپوٽو سميت سندس 4 ڀائرن امتياز، جمشيد ۽ پرويز خلاف ڊيوٽي اٽڪاءَ، حملي ۽ فائرنگ جو دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو
ٻئي طرف واقعي ۾ ملوث جوابدارن گرفتاري نه ٿيڻ تي ايس ايڇ او سيوھڻ زاھد جھتيال پاڻمرادو چارج ڇڏي هليو ويو. سيوھڻ ٿاڻي جي چارج ايڊيشنل ايس ايڇ او ذوالفقار آرائين جي حوالي ڪئي وئي
ھوڏانھن ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس اھلڪار مشتاق ھاليپوٽو کي نوڪري تان برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي