سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ ۾ ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي، بودلا بھار سڪندر واري پڙ تان
درگاھ بودلا بھار جي گادي نشين اختر حسين نقوي جي اڳواڻي ۾ ذوالجناح جو جلوس برآمد ڪيو ويو، جنھن ۾ عزادارن نوحا خواني ڪري سينا زني جو ماتم ڪيو جلوس مختلف رستن کان ٿيندو
حضرت لعل شهباز قلندر جي گولڊن گيٽ واري صحن ۾ پھتو ته مجلس عزا برپا ڪئي وئي. جڏھن ته ذوالجناح پنھنجي مقرر رستن کان ٿيندو تجر وار پڙ تي پھچي نھر ٿي ويو ۽ ھن اھم جلوس جي روٽ تي نگر نياز سان گڏ
مومنين لاءِ ٿڌي پاڻي ۽ شربت چانھن جون سبيلن جو پڻ بندوبست ڪيو ويو ۽ ٻئي طرف ميونسپل ڪميٽي سيوھڻ جي چيرمين سيد شھزاد حيدر شاھ جي نگراني ۾ جلوس جي روٽ تي ھلندڙ برسات دوران به صفائي جو پڻ انتظام جاري رھيو
۽ ماتمي جلوس جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ون فائيو انچارج منظور دل جي نگراني ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪندي پنجاھ اھلڪار مقرر ڪيا ويا