سيوهڻ ۾ عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ جي ڊائلاسز وارڊ ۾ باهه: لکين رپين جون دوائون ۽ سامان رک

سيوهڻ ۾ عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ جي ڊائلاسز وارڊ ۾ باهه: لکين رپين جون دوائون ۽ سامان رک

سيوهڻ(ن پ ا) سيوھڻ جي سيد عبد الله شاهه انسٽيٽيوٽ جي ڊائلاسز وارڊ ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي وئي, ڪو به جاني نقصان نه ٿيو, لکين روپين جون دوائون ۽ قيمتي سامان سڙي خاڪ, تفصيل موجب سيوھڻ جي ناليواري اسپتال سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ جي ٽراما سينٽر ۾ قائم ايمرجسي وارڊ ۽ ڊائلسز سينٽر بجلي جي شارٽ سرڪٽ جي نتيجي ۾ اوچتو لڳي وئي جنهن بعد اتي موجود مريضن ۽ اسٽاف ۾ ڀاڳ پئجي وئي, واقعي بعد سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ جي انتظاميا پاران اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري مريضن کي ريسڪيو ڪيو ويو جڏھن ته اھڙي واقعي جو اطلاع ملڻ تي وڏي انگ ۾ شھري اسپتال ۾ پھچي ويا. ڄاڻو ذريعن موجب سيد عبدالله انسٽيٽوٽ جي ايمرجنسي وارڊ ۽ ڊائلاسز سينٽر جي وارڊن ۾ بيٽري مان شارٽ سرڪٽ پيدا ٿيڻ بعد باھ ڀڙڪي اٿي جنهن جي نتيجي ۾ اھڙو واقعو پيش آيو, واقعي بعد ميونسپل ڪميٽي سيوھڻ جي فائر برگيڊ عملي بروقت پھچي اسپتال اسٽاف جي مدد سان باھ تي ڪنٽرول ڪري ورتو جنهن ڪري معجزانا طور ڪو به جاني نقصان نه ٿي سگھيو آهي پر وارڊن ۾ موجود بيڊن, دوائن سميت ٻيو لکين روپين جو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو آهي,  جڏهن ته اطلاع ملڻ تي مختيارڪار سيوھڻ عابد علي شاهه ۽ مقامي پوليس انتظاميا پڻ واقعي واري ھنڌ پھتي ۽ واقعي بابت تفصيل ورتا. ان حوالي سان واقعي واري ھنڌ موجود ڊائريڪٽر سيسمس ڊاڪٽر معين الدين صديقي ٻڌايو آهي ته آچر جي موڪل سبب ڊائيلاسز سينٽر بند پيل ھو ان ڪري باھ لڳڻ کانپوءِ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي ھن چيو ته موڪل واري ڏينهن تي ڊائلسز جي مشينن جي صرف صفائي ٿيندي آهي باقي باھ سبب ٿيل مالي نقصان جو اندازو لڳايو پيو وڃي.