سيوهڻ ۾ لوڊشيڊنگ جي ستايل شهرين شٽر بند هڙتال ڪري ڇڏي، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو
نومبر 12, 2024
سيوهڻ(رپورٽ:اشرف عطار) قلندر جي نگري سيوهڻ ۾ بجلي ٻن مھينن کان جاري ھٿرادو بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف ڪالھ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻي ۾ شھرين پاران مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري شاهي بازار، پراڻو الم پاڪ بازار، پراڻو بس اسٽينڊ، گولڊن گيٽ چوڪ، ڌمال چوڪ، ڪاليج روڊ ۽ اسٽيشن روڊ سميت ٻيا شهر جا اهم ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، جڏهن ته تعلقي بار ايسوسيئيشن پاران شھرين سان يڪجھتي طور احتجاجن عدالتي ڪاروائي جو پڻ بائيڪاٽ ڪيو ويو. جنهن بعد سوين شھرين جي ھڪ وڏي انگ ڌمال چوڪ کان ريلي ڪڍي ڊگري ڪاليج وٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو. احتجاج ۾ ايس يو پي، پي ٽي آءِ، شيعا علماء ڪائونسل، جي يو آء، سنڌي ادبي سنگت، واپاري تنظيمون ۽ وڪيل برادري ۽سول سوسائٽي جا اڳواڻ شامل رھيا، سوين شھرين پاران سيوھڻ ـ ڄامشورو مک ھاء وي بلاڪ ڪرڻ ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان وڏي انگ ۾ مسافر گاڏيون بيھجي ويون ۽ مسافرن کي تڪليفن کي منھن ڏيڻو پئجي ويو. اڳوڻن نواز علي رند، صفدر حسين نجفي، علي نواز سولنگي، ايڊووڪيٽ نجم الدين جتوئي، مير حاجن پنھور، اشرف سولنگي، ايڊووڪيٽ غلام مرتضي ملاح ۽ ٻين چيو ته حيسڪو واپڊا جي نااهلي هڪ مهيني کان شهر اندر 12 کان 14 ڪلاڪ ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، شھري ھڪ مھيني کان روڊن تي نڪري سراپا احتجاج بنيل آهن پر سرڪار ۽ حيسڪو انتظاميا خاموش تماشائي بنيل آهي، هٿرادو لوڊشيڊنگ ٿيڻ ڪري چورين، ڌاڙن سميت بدامني ۾ اضافو ٿي ويو آهي، لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار سان گڏ شهر اندر پيئڻ جي پاڻي واري سپلائي به متاثر ٿي رھي آهي، پر افسوس ته مھيني کان سيوھڻ واسي شھري سراپا احتجاج آهن پر حيسڪو انتظاميا ڪوبه رليف ڏيڻ لاء تيار ناهي ۽ فائدو ڏيڻ بجاء انتقامي ڪاروائي طور شھرين تي بجلي چوري ڪرڻ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جيڪو مذمت جي قابل عمل آهي. هنن چتاء ڏنو ته لوڊشيڊنگ جو پراڻو شيڊول بحال ڪري ۽ ڪوڙا ڪيس ختم ڪري عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته مسئلن جي حل تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.