سيٺارجا ۾ رمضان نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ: راڻيپور ۽ بوزدار واڏ جي ٽيمن ميچ کٽي ورتا

سيٺارجا ۾ رمضان نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ: راڻيپور ۽ بوزدار واڏ جي ٽيمن ميچ کٽي ورتا

سيٺارجا(ن پ ا) سيٺارجا رمضان نائٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري، المهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب راڻيپور ، الحيدري ڪرڪيٽ ڪلب بوزدار وڏا جي  ٽيمن ڪاميابي ماڻي ورتي، ايونٽ جي ٻئين رات تي پهرين رائونڊ ميچ ۾ چمني اليون العباس ڪرڪٽ ٽيم کي شڪست ڏني، العباس اليون  ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرره 6 اوورن ۾ احمد علي جي ففٽي بدولت چمني جي ٽيم کي 94 رنسن جو هدف ڏنو ، جواب ۾ چمني اليون آخري اوور ۾ هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي چمني اليون جي تاثير علي پاران 54 رنسن جي ڪامياب اننگ کيڏي ۽ ٻہ وڪيٽون پڻ حاصل ڪيون، چمني اليون جو تاثير شاندار بيٽنگ تي مين آف دي ميچ قرار، ٻئي ميچ ۾ بوزدار وڏا اليون ڪوٽڙي جي ٽيم خلاف پهريان بيٽنگ ڪندي 6 اوورن ۾ دوست محمد جي 72 رنس جي اننگ بدولت 128 رنس جو هدف ڏنو، جڏهن تہ جواب ۾ ڪوٽڙي جي ٽيم مسلسل وڪيٽون ڪرڻ سبب مقرره اوورن ۾ 60 رنس ئي جوڙي سگهي دوست محمد پاران آل رائونڊ پرفارمنس 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، ڪوٽڙي جي ٽيم کي شڪست ڏيڻ بعد بوزدار وڏا جي ٽيم ڄامڙا سي سي جي ٽيم کي شڪست ڏئي ايونٽ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ، بوزدار وڏا جي ٽيم ڄامڙا سي سي خلاف پهريان بيٽنگ ڪندي دوست محمد جي ففٽي جي مدد سان 105 رنسن جو هدف ڏنو، جنهن جي پيڇو ڪندي ڄامڙا سي سي 80 رنس ئي ٺاهي سگهي، جڏهن تہ ايونٽ جي ٻئين رات جي آخري مقابلي ۾ المهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب راڻيپور جي ٽيم چمني اليون کي شڪست ڏئي ايونٽ مان ٻاهر ڪڍيو چمني اليون ٽاس کٽي فيڊنگ ڪئي ، المهراڻ پهريان کيڏندي 76 رنس جو هدف ڏنو جنهن جي جواب ۾ چمني اليون مقرره اوورن ۾ 46 رنس ئي ٺاهي سگهي، جڏهن تہ ايونٽ جي ٽئين ۽ آخري رات تي سيٺارجا ٿنڊرز ، سيٺارجا قلندر ، باغي سپر ڪنگ ، المهراڻ راڻيپور ، الحيدري ڪرڪيٽ ڪلب بوزدار وڏا جون ٽيمون ايڪشن ۾ نظر اينديون