اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو آهي ته پي ڊي ايم حڪومت جي 15 مهينن ۾ 500 ارب رپين جي بجلي چوري ٿي آهي
خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته سيپٽمبر ۾ بجلي 90 رپيا في يونٽ ٿي ويندي عوام سيپٽمبر جي بلن ۾ به ڳاٽي ٽوڙ اضافي جي لاءِ تيار رهي
سندس چوڻ هو ته جيستائين آءِ پي پيز آهن پاڪستان ۾ ڪڏهن به بجلي سستي نٿي ٿي سگهي