سيڊا ۾ ميگا ڪرپشن جو نئون اسڪينڊل ظاهر: ايم ڊي سيڊا سڀاڻي جاچ ڪاميٽي آڏو طلب

فيبروري 1, 2024

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سيڊا ۾ ميگا ڪرپشن جو نئون اسڪينڊل ظاهر، ايم ڊي سيڊا کي سڀاڻي 2 فيبروري تي انڪوائري ڪاميٽي اڳيان پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو

 ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) ۾ ڪروڙين رپين جي بيقاعدگيون سامهون اچڻ بعد حڪومتي اختيارين معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ سکر بئراج ليفٽ بينڪ ريجن  جي چيف انجنيئر سيڊا جي ايم ڊي کي خط لکي ڦليلي ڪئنال سسٽم جي بحالي، ٻوڏ دوران هنگامي بنيادن تي ڪرايل ڪمن ۽ نصير برانچ سسٽم جي بحالي جي نالي ۾ ٿيل خرچن جا تفصيل گهرايا آهن

خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڦليلي ڪئنال سسٽم جي بحالي واري رٿا لاءِ هڪ ارب 63 ڪروڙ رپيا منظور ٿيل هئي، جنهن مان هڪ ارب 51 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا آهن. ساڳئي ريت ٻوڏ دوران هنگامي بنيادن تي ڪرايل ڪمن  جي لاڳت هڪ ارب 31 ڪروڙ رپيا هئي، جن مان 72 ڪروڙ خرچ ظاهر ڪيو ويو آهي

 خط موجب نصير برانچ سسٽم جي بحالي لاءِ 45 ڪروڙ رپيا منظور ٿيل هئا، جن مان 3 ڪروڙ 45 لک رپيا خرچ ڪيا ويا

خط ۾ لکيو ويو آهي ته اوهان (ايم ڊي سيڊا) ليفٽ بينڪ بورڊ جي ڊائريڪٽر ۽ ايڪسين  ڦليلي بدين ڊويزن سان گڏ ڄاڻايل اسڪيمن تي ٿيل خرچ  جي سموري رڪارڊ سميت سڀاڻي 2 فيبروري تي ايس اي روهڙي ڪئنال جي حيدرآباد ۾ واقع آفيس ۾ پيش ٿي بيان قلمبند ڪرايو

 هوڏانهن نيب پاران ڪلري بگھاڙ سرڪل ۾ سال 2018_19ع  جي ايم اينڊ آر فنڊن سميت ٻين خرچن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي

 ان سلسلي ۾ نيب پاران  مختلف وقتن تي آبپاشي کاتي کي خط به لکي سوال اٿاريو ويو آهي ته اهي فنڊ ڪيئن استعمال ٿيا؟، ان وقت ڪهڙا ايگزيڪيوٽو انجنيئر مقرر ٿيل هئا؟

اواضح رهي ته گذريل مهيني نيب ٽيم ڪلري ٻگھاڙ وارين سائيٽن جو دورو ڪري سرزمين تي ٿيل ڪمن جو جائزو  وٺي رڪارڊ ۾ ڏيکاريل خرچ جا تفصيل گڏ ڪيا هئا

لاڳاپيل پوسٽون

  • ميرپورخاص نوجوان فوت، تشدد جي تصديق

  • نينگري سان ڏاڍائي ڪوشش، جوابدار گرفتار

  • حيدرآباد : سنڌوءَ ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي ويو

  • سون سستو ٿي ويو