ڊي ايس پي عمير باجاري جي خانگي ٽيم تر تپائي ڏنو: انيڪ وارداتن ۾ ملوث
نومبر 23, 2023
ڪراچي (رپورٽ : نظير ميمڻ) واپاري جي گهر ۾ 4 ڪروڙن جي ڌاڙي واري ڪيس ۾ گرفتار سيکڙاٽ ڊي ايس پي عمير باجاري جي خانگي ٽيم سان گڏ مختلف ڪاررواين ۾ ملوث ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
عمير باجاري سميت ٻين جوابدارن تي اورنگي ٽائون جي علائقي پير آباد ٿاڻي جي حد ۾ واپاري شاڪر خان جي گھر ۾ ڌاڙو ھڻڻ واري ڪيس کانپوءِ ڊي ايس پي عمير باجاري سميت سنڌ پوليس جي اھلڪارن جا راز پڌرا ٿي ويا آھن
پوليس ذريعن موجب درخشان ٿاڻي جي حد مان جوس جي دڪان مالڪ کان ھڪ لک 75 ھزار ۽ امپورٽڊ سگريٽ ڦر ڪيا ويا، 24 آڪٽوبر جي رات جو گلشن اقبال ۽ سهراب ڳوٺ ۾ شهرين جي ٻن گهرن تي ڪارروايون ڪيون ويون
گلشن اقبال 13 ڊي ۾ ڊي ايس پي عمير باجاريءَ 15 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن سان گڏجي ڪارروائي ڪئي، حنا ٽيرس ۾ انس دلشاد جي گهر تي ڇاپو هڻي 2 ڪروڙ رپيا کڻي ويا
جڏھن ته ڪھڪشان ھومز گلزار ھجري ۾ منصور قريشي ۽ سندس ڀاء جي گھر تي ڪاھه ڪري ڏيڍ ڪروڙ جا بانڊز، واچون، پسٽل ۽ موبائيل فون کڻي ويا، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ سب انسپيڪٽر علي حسن ۽ ٻين جي سڃاڻپ ڪئي وئي آھي
ايس ايس پي ڏکڻ ۽ اولهه جي حڪم تي ريڊ ڪيو: عمير جو وڪيل
ڪراچي : ڊي ايس پي عمير طارق باجاري جي وڪيل عامر منصوب ڌاڙي ڪيس ۾ گرفتار ڊي ايس پي عمير باجاري کي بيگناھ قرار ڏيندي واردات جو ذميوار ايس ايس پي ڏکڻ ۽ اولهه کي قرار ڏئي ڇڏيو، سٽي ڪورٽ ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايس ايس پي ڏکڻ سندس ڊيوٽي ڇاپي لاءِ لڳائي ھئي، ڊي ايس پي عمير باجاري واقعي واري ھنڌ موجود نه ھو، منهنجي منھنجي اصيل وٽان سون ، روڪ رقم، موبائل فون ۽ ليپ ٽاپ نه مليا آهن، ھن وڌيڪ چيو ته ايس ايڇ او ڊفينس متاثر واپاري کي ھڪ ڪروڙ ٽي لک پنجاھ ھزار، موبائل فون ۽ ليپ ٽاپ واپس ڪيا آھن، فريادي پاڻ به اقرار ڪيو آھي ته سندس ڪجهه رقم ۽ سون اڃا رھيل آھي، پوليس بعد ۾ انڪوائري ڪري منھنجي اصيل خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي، وڪيل جو چوڻ ھو ته ڊي ايس پي عمير باجاري ٽريننگ تي آھي، هو آن ڊيوٽي ناھي ۽ نه ئي وٽس ڪا نفري اٿس، ايس ايس پي ڏکڻ ۽ اولهه جي چوڻ تي اورنگي ٽائون ۾ گھر تي ريڊ ڪيو ويو ھو.
ڊي ايس پي عمير باجاري ڦرلٽ ڪئي: واپاري پاران ڪيس داخل
ڪراچي: واپاري شاڪر پيرآباد ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته آئون ريحان سينٽري جي نالي سان ڪاروبار ڪندو آهيان، 19 نومبر تي رات جو 2 لڳي 20 منٽن تي پوليس يونيفارم ۽ سادا ڪپڙا پاتل 15 کان 20 ڄڻا گھر ۾ داخل ٿيا، جيڪي ويگو، پوليس موبائيل، مهراڻ ڪار ۽ موٽرسائيڪلن تي آيا هئا، اهلڪارن چيو ته دروازو کوليو، هٿيارن جي تلاشي وٺڻي آهي، مون دروازو کولي اهلڪارن سان تعاون ڪيو، اهلڪارن اسان کي هڪ ڪمري ۾ يرغمال بڻايو ۽ گھر جي تلاشي ورتي، هنن گھر ۾ پيل 2 ڪروڙ روڪ، 70 کان 80 تولا سون، موبائيل فون، ليپ ٽاپ ۽ قيمتي سامان کنيو، مون کي ۽ منهنجي ڀاءَ عامر کي منهن تي ڪپڙو ڏئي موبائيل ۾ ويهاريو. متن موجب اهلڪارن بلوچ ڪالوني پل تي اسان کي لاهي چيو ته اوهان کي ٻي گاڏي ۾ ويهارينداسين، اسان کي لاهڻ بعد اهي فرار ٿي ويا، مون ٿاڻي تي درخواست ڏني پر پوليس ايف آءِ آر داخل نه ڪئي، بعد ۾ پتو پيو ته ڊي ايس پي عمير طارق باجاري ۽ ٻين اهلڪار گھر مان ڦرلٽ ڪئي. فريادي موجب مون کي ڊفينس ٿاڻي گھرايو ويو، ڀائرن عمران، ناصر ۽ دوست عامر سان گڏ ٿاڻي تي ويس ته ايس ايچ او هڪ ڪروڙ 3 لک 50 هزار، 50 تولا سون، 12 موبائيل فون، 2 ليپ ٽاپ منهنجي حوالي ڪيا. پوليس موجب فريادي ايف آءِ آر ۾ ڊي ايس پي عمير طارق، سندس گن مين خرم، فرحان ۽ 15 کان 20 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آھي
ڌاڙي ڪيس ۾ گرفتار ڊي ايس پي باجاري کي فل پروٽوڪول* بنا هٿڪڙي جي بڪتربند ۾ اڳيان ويهاري عدالت ۾ پيش* هڪ ڏينهن جي رمانڊ بعد باجاري کي ميڊيا کان بچائڻ لاءِ پوئين دروازي کان روانو ڪيو ويو
ڪراچي: ڌاڙي ڪيس ۾ نامزد ڊي ايس پي عمير باجاري کي پوليس جو فل پروٽوڪول، بنا هٿڪڙي جي بڪتربند گاڏي ۾ اڳيان ويهاري عدالت ۾ پيش، عدالت جوابدار کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار کي ميڊيا کان بچائڻ لاءِ پوئين دروازي کان کسڪائي رواني ٿي وئي، ڪالهه جوڊيشل مجسٽريٽ اولهه جي عدالت ۾ پير آباد ٿاڻي جي حد مان واپاري جي گھر مان 4 ڪروڙن جي ڌاڙي واري ڪيس ۾ گرفتار ٽريني ڊي ايس پي عمير باجاري کي بنا هٿڪڙي بڪتربند گاڏي ۾ اڳيان ويهاري فل پروٽوڪل ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جاچ آفيسر جي درخواست منظور ڪندي جوابدار ڊي ايس پي يو ٽي عمير باجاري کي ھڪ ڏينھن لاء جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته عمير باجاري سميت ٻين جوابدارن تي اورنگي ٽائون جي علائقي پير آباد ٿاڻي جي حد ۾ واپاري شاڪر خان جي گھر ۾ ڌاڙو ھڻڻ جو الزام آھي، ڪيس ۾ ڊي ايس پي يو ٽي عمير طارق باجاري سندس خاص مددگار پوليس اهلڪار فرح غني ۽ اهلڪار فرحان علي سميت پندرهن کان ويھ اهلڪار نامزد ڪيا ويا آهن، اڄ رمانڊ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ کين اولهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.