سيڪريٽري بورڊ کي ايم بي اي ڊگري ڪيئن ملي؟ سنڌ مدرسي جي وي سي خلاف جاچ جو حڪم

مَي 14, 2025

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين کي سنڌ مدرسته الاسلام جي وائيس چانسلر ۽ ٻين خلاف ڪرپشن جي الزامن جي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت هدايت ڪئي ته ٽن مهينن اندر جاچ ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي، پروفيسر ملوڪ رند، محمد امين ۽ عبدالمجيد جي وڪيل اسد بلو جو چوڻ هو ته وائيس چانسلر يونيورسٽيز ۽ بورڊز کاتي جي سيڪريٽري  عباس بلوچ کي جعلي طريقي سان ايم بي اي جي ڊگري ڏني، وڪيل موجب آڊٽ رپورٽ موجب  مادرعلمي  جي ملير ڪيمپس ۾ به وڏي پيماني تي ڪرپشن ڪئي وئي هئي، هن چيو ته سنڌ مدرسي ورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ يونيورسٽيز کاتي جي سيڪريٽري خلاف جاچ جو حڪم ڏنو وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪراچي: نينگر سان بدفعلي، مک جوابدار گرفتار

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • سنڌ ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي، عوام اڻڄاڻ