سيڪريٽري صحت ڪامپيٽنٽ ناهي، رڳو ڪاغذ کڻي ٿا اچو ، ڪم ڪري ڏيکاريو: عدالت 

  سيڪريٽري صحت ڪامپيٽنٽ ناهي، رڳو ڪاغذ کڻي ٿا اچو ، ڪم ڪري ڏيکاريو: عدالت 

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر پاران چيف سيڪريٽري سنڌ جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تي پڇاڻو، سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سيڪريٽري صحت 20 هين گريڊ جو رکي سگهجي ٿو، بجيٽ بوڪ ۾ لکيل آهي، وڪيل شبير شر چيو ته 2022 آرڊيننس تحت سيڪريٽري صحت 21 هين گريڊ جو رکي سگهجي ٿو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس رياضت علي ساهڙ تي ٻڌل ٻه رڪني آئيني بئنچ سرڪاري اسپتالن جي خراب حالتن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، ڊي جي هليٿ ۽ لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا. جڏهن ته عدالت پاران ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪرڻ باوجود چيف سيڪريٽري سنڌ عدالت ۾ پيش نه ٿيو. ٻڌڻي دوران جسٽس ذوالفقار علي سانگي ريمارڪس ڏيندي چيو ته سيڪريٽري هيلٿ ڪامپيٽنٽ ناهي ان ڪري ڪامپيٽنٽ لاڳاپيل صحت کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو وڃي. سيڪريٽري صحت اوهان اربين رپين دوائون ڪنهن جي چوڻ تي خريد ڪيون آهن. سيڪريٽري صحت ذميوار آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ پيش ٿئي ها ته جواب ڏئي ها. عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته چيف سيڪريٽري سنڌ مصروف هئڻ سبب عدالت ۾ پيش ناهي ٿيو. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڪورٽ اهم آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ خلاف آرڊر پاس ڪريون ٿا ان کي عدالت جي پاور جي خبر پئجي ويندي. جسٽس ذوالفقار علي سانگي ريمارڪس ڏيندي چيو ته صحت کاتي پنهنجي 21 هين گريڊ جي سيڪريٽري هئڻ واري نوٽيفڪيشن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. عدالت ۾ صرف ميمو ۽ ڪاغذن جا کڻي اچو ٿا اسان کي گمراهه نه ڪريو، عملي طور تي ڪم ڪري ڏيکاريو. عدالت سيڪريٽري صحت کان پڇاڻو ڪيو ته اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ٻاهران 10 ڪروڙ جون سرڪاري دوائون هٿ آيون آهن اوهان کي خبر آهي. جنهن تي سيڪريٽري هيلٿ ريحان بلوچ عدالت ۾ بيان ڏنو ته جي مون کي ڄاڻ آهي ۽ اِن معاملي جي جاچ هلي پئي. وڪيل شبير شر چيو ته سيڪريٽري ۽ وڏن ماڻهن جا پيٽ ڀريل آهن، ٻاهرين عالمي بينڪ جا اربين رپيا اچن ٿا اهي به پئسا واڳون وانگر هڙپ ڪري وڃن ٿا. عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ ۽ رپورٽ اچڻ بعد ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.