پاڪستان وٽنري ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي اڳواڻن کي سيڪريٽري خلاف ڪيل پريس ڪانفرنس مهانگي پئجي وئي، 4 ڊاڪٽر گهر ڀيڙا، هڪ ڊاڪٽر کي سزا طور ٿر اماڻيو ويو آهي
گريجوئيٽ نوجوانن کي هائوس جاب، فورٽيئر فارمولا تي عمل ۽ رسڪ الائونس جي حاصلات لاءِ اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪئي هئي جنهن بعد اهي انتقامي ڪارروائي جو شڪار ٿيا
سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ۽ پريس ڪانفرنس ڪندڙ 4 ڊاڪٽرن کي گھر ڀيڙو ڪري ڇڏيو جڏهن ته هڪ ڊاڪٽر کي سزا طور ٿر اماڻيو ويو آهي
وٽرنري ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر عبدالقدوس ميمڻ ۽ ڊپٽي ڊائٽر ميرپورخاص حاڪم جلباڻي کي عهدن تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو
بدين جي سينيئر وٽرنري آفيسر ڊاڪٽر اويس ميمڻ ۽ سجاول جي سينيئر وٽرنري آفيسر علي حسن جت کي به رپورٽ ڪرايو ويو آهي
جڏهن ته سيڪريٽري خلاف ڪيل پريس ڪانفرنس تي ڪمينٽس ڪندڙ ٺٽي جي ڊاڪٽر منظور گراماڻي کي به سزا طور ٿر بدلي ڪيو ويو آهي
واضح رهي ته لائيواسٽاڪ کاتي ۾ چيف سيڪريٽري جي منظوري بِنا ئي مٿين گريڊن جا بدلين ۽ مقررين وارا آرڊر جاري ٿيڻ وارو اسڪينڊل به سامهون اچي چُڪو آهي
سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ حفيظ سيال پاران چيف سيڪريٽري جا اختيار استعمال ڪرڻ واري معاملي تي به اڃا جاچ شروع نه ڪئي وئي آهي
جانورن جون اسپتالون بند ڪرڻ جو چتاءُ، سيڪريٽري کي هٽايو وڃي: ڊاڪٽر عبدالقدوس ميمڻ
پاڪستان وٽنري ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر عبدالقدوس ميمڻ چيو آهي ته محرم کان پوءِ سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ خلاف انوکو احتجاج ڪندي صوبي ۾ جانورن جون سموريون اسپتالون بند ڪيون وينديون
سيڪريٽري خلاف احتجاج تيستائين بند نه ڪيو ويندو جيستائين اسان جا مطالبا پورا نه ٿيندا ۽ سيڪريٽري خلاف ڪاروائي نه ڪئي ويندي
هن چيو ته اسان جا جائز مطالبا هئا، پر ان باوجود اسان خلاف سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ حفيظ سيال پاران انتقامي ڪاروايون ڪيون پيون وڃن، اسان صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ کي به درخواست ڏني آهي پر ساڻس ملاقات ناهي ٿي سگھي
هن چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ چيف سيڪريٽري سان ملاقات ڪري لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري خلاف شڪايتون ڪنداسين، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ کي هٽايو وڃي