ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي گهر تي ڇاپي جا اطلاع، معاملو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي
لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري ضمير عباسي جي گهر تي ڇاپي جو معاملو سامهون آيو آهي
ضمير عباسي جي گهر تي وفاقي اداري پاران ڇاپو هڻي ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪرنسي ملڻ واريون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن
ضمير عباسي چيو آهي ته جنيد بچاڻي جا ڪم بند ڪرڻ تي اهڙو الزام هنيو ويو آهي، جنيد بچاڻي خلاف ضمير عباسي ايف آئي اي سائبر ڪرائيم ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو