سيڪيورٽي خدشا: ڪوئيٽا ويندڙ 2 ريل گاڏيون جيڪب آباد ۾ روڪيون ويون

سيڪيورٽي خدشا: ڪوئيٽا ويندڙ 2 ريل گاڏيون جيڪب آباد ۾ روڪيون ويون

جيڪب آباد(رپورٽر) پشاور کان ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس ۽ ڪراچي کان ڪوئيٽا ويندڙ بولان ميل کي جيڪب آباد ريلوي اسٽيشن تي روڪيو ويو، ريلوي اختيارين پاران ٻنهي ريل گاڏين کي بلوچستان کان سيڪيورٽي ڪليرنس نه ملڻ سبب روڪيو ويو آهي، جڏهن ته مسافرن کي متبادل ٽرانسپورٽ نه ڏنو ويو، جنهن سبب مسافر دربدر ٿيڻ سبب پريشانين کي منهن ڏنو آهي مسافرن دانهيندي چيو ته جيڪب آباد ۾ ريل گاڏيون روڪڻ روز جو معمول بڻيل آهي مسافر اڳ پريشان هوندا آهن رهندو اڌ رستي ۾ لاهڻ سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو ٿو پوي هنن وفاقي وزير ريلوي کان مطالبو ڪيو ته ان معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ان سلسلي ۾ ريلوي اختيارين ٻڌايو ته ڪراچي کان ڪوئيٽا ويندڙ بولان ۽ پشاور کان ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس کي سيڪيورٽي ڪليرنس نه ملي جنهن سبب ٻنهي ريل گاڏين کي اسٽيشن تي روڪيو ويو آهي ٻنهي ريل گاڏين تي 150 مسافر سوار هئا انهن کي جيڪب آباد کان ڪوئيٽا تائين ڀاڙا واپس ڪيا ويا آهن.