نوابشاهه(رپورٽر) سي آءِ اي پوليس نوابشاهه ماڙي جلباڻي ۾ مارجي ويل 4 ڳوٺاڻن جي مائٽن خلاف ئي قتل جو ڪيس داخل ڪرائي ورتو
سي آءِ اي انچارج مقصود مڱڻهار جي فرياد تي داخل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته واقعي واري ڏينهن اطلاع مليو ته ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ لياقت ولد شهمير جلباڻي پاڻ وٽ ڌماڪيدار مادو رکيو ويٺو آهي، هو پاڻ وٽ پابندي مڙهيل تنظيم جا ماڻهو رهائي ويٺو آهي، اُهي دهشتگردي جو ڪو منصوبو جوڙي رهيا هئا
ايف آءِ آر موجب پوليس ۽ رينجرز لياقت جي گهر جي تلاشي وٺڻ شروع ڪئي ته ڳوٺ جي 2 سئو کان اڍائي سئو ماڻهن هنگامو ڪندي اسان جو گهيراءُ ڪيو، ماڻهن جي اڳواڻي رجب ولد محمد خان جلباڻي ۽ حريف عرف ڍولي جلباڻي ڪري رهيا هئا
ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو ته هنگامو ڪندڙ ڳوٺاڻن جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوفون، لوهي سريا ۽ لٺيون هيون، ڊيوٽي اٽڪاءُ ڪندڙن تي لٺبازي ڪري ٻاهر نڪتاسين ته جوابدارن رينجرز جي گاڏين تان جوانن کي لاهي پڪڙي ورتو
ايف آءِ آر موجب رينجرز پاران جوانن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان دوران ڇت تي بيٺل غلام رسول ولد رجب، موريو ولد متاريو، منير ولد سڌير جلباڻي ۽ 2 اڻڄاتل جوابدارن ڪلاشن ڪوف جا سڌا برسٽ هلايا
سي آءِ اي انچارج مجب ڳوٺاڻن جون فائر ڪيل گوليون هيٺ گهٽيءَ ۾ بيٺل سندن پنهنجن ئي ماڻهن کي لڳيون، اتي بيٺل ماڻهن ڌڪ هڻي رينجرز جي جوانن کي زخمي ڪيو، رينجرز جي جوانن ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ فائرنگ ڪئي، هڪ گولي اتي بيٺل هڪ مڙس کي لڳي
ايف آءِ آر موجب رينجرز جي زخمي ٿيل انسپيڪٽر محمد آصف، حوالدار عبدالرشيد، سپاهي محمد اويس اصغر ۽ محمد نعيم کي علاج لاءِ پي ايم سي ايڇ نوابشاهه منتقل ڪيو ويو، رينجرز اهلڪارن کي ڌڪ هڻي زخمي ڪندڙ اڻڄاتل ماڻهن کي ڏسي انهن جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي
ٻئي طرف ماڙي جلباڻي واقعي جي جاچ ڪندڙ ٽيم پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن جا نالا جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيا آهن
سي آءِ اي انچارج مقصود مڱڻهار، ايس ايڇ او وومين پوليس مريم ڀرٽ، ايس ايڇ او طفيل ڀٽو، ايس ايڇ او کڏهر مجيب الرحمان ناريجو ۽ ٻيا پوليس اهلڪار به جاچ ۾ شامل آهن
ماڙي جلباڻي ۾ رينجرز ۽ پوليس جي ڪارروائي دوران 4 ڳوٺاڻا مارجي ويا هئا، مقتولن جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري، اڄ شام ماڙي جلباڻي ۾ ٽيجهي جي تقريب به منعقد ڪئي ويندي