سي ايس ايس ۾ ٽاپ ڪندڙ لاڙڪاڻي واسي مصور مٺاڻي سان ناانصافي
مَي 19, 2025
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سي ايس ايس جي سالياني امتحان 2023 ۾ سڄي ملڪ مان پهرين پوزيشن ماڻيندڙ لاڙڪاڻي واسي نوجوان مير مصور مٺاڻي سان وڏي ناانصافي، ٽاپر هئڻ باوجود لاڙڪاڻي واسي نوجوان کي فرسٽ چوائس گروپ نه ڏنو ويو. سنڌي ٽاپر انصاف لاءِ صدر آصف علي زرداري کي خط لکي ڇڏيو. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سي ايس ايس جي 2023ع واري سالياني امتحان ۾ سڄي مُلڪ ۾ پهرين پوزيشن کڻندڙ لاڙڪاڻي واسي نوجوان مصور علي مٺاڻي سان ناجائزي ڪندي کيس پهرين چوائس ڏيڻ بجاءِ پاڪستان آڊٽ اينڊ اڪائونٽس گروپ ڏنو ويو آهي، اهڙي ناجائزي ٿيڻ کان پوءِ نوجوان پاران صدر آصف علي زرداري کي خط لکي کيس انصاف ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. ٽاپر نوجوان پاران صدر ڏانهن اماڻيل خط ۾ لکيو ويو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي نمائندگي ڪندي پهرين پوزيشن ماڻڻ منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، صدر کي اپيل ڪندي نوجوان خط ۾ لکيو آهي ته توهان کي اپيل آهي ته مون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ فرسٽ چوائس گروپ جي ايلوڪيشن ڪئي وڃي.