سي ايس ايس 2020ع امتحان ۾ هيرا ڦيري ڪندڙ ڪنٽرولر هادي ڪلهوڙو ۽ شوڪت اڄڻ برطرف

ڊسمبر 16, 2023

ڪراچي/حيدرآباد(رپورٽ: شاهد ميراڻي ۽  منير راڄڙ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 2020ع واري چٽاڀيٽي جي  امتحان ۾ من پسند اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏيڻ وارو اسڪينڊل، نتيجن ۾ هيراڦيري جي الزام هيٺ آيل تڏهوڪو ڪنٽرولر هادي بخش ڪلهوڙو ۽ ڊپٽي ڪنٽرولر شوڪت اڄڻ کي برطرف، وڏي وزير جي منظوري سان سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي برطرفي جا نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيا

 ان  حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سال 2020ع جي چٽاڀيٽي وارن امتحانن ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪندي من پسند اميدوارن کي نتجا تبديل ڪري پاس قرار ڏيڻ وارو اسڪينڊل ظاهر ٿيڻ بعد عدالتي حڪمن تي سنڌ حڪومت پاران 21هين گريڊ جي ٻن آفيسرن علي حسن ملڪ ۽ ڊاڪٽر نواز شيخ تي ٻڌل انڪوائري ڪاميٽي جي رپورٽ  آڌار ٻئي آفيسر نوڪريون وڃائي ويٺا

 ذريعن موجب ته الزام هيٺ آيل آفيسرن خلاف ڪيل 2 انڪوائرين ۾ کين فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کين وضاحت ڏيڻ جا به موقعا فراهم ڪيا ويا هئا پر ٻنهي آفيسرن پاران انڪوائري ڪاميٽي کي الزامن بابت مطمئن نه ڪيو ويو

 انڪوائري ڪاميٽي سندن خلاف انڪوائري مڪمل ڪري رپورٽ سنڌ حڪومت حوالي ڪئي، ڄاڻ موجب  انڪوائري ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ کين برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، جنهن تي عمل ڪندي سنڌ حڪومت کين برطرف ڪري ڇڏيو آهي

 واضح رهي ته هادي ڪلهوڙو ڪميشن جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي

Leave A Comment