اَسين سِڪُون جن کي، سي تان اسين پاڻ،
هاڻي وَڃُ گُمانَ، سهي سڃاتا سپرين!
خدا شناسيءَ جي معرفت ماڻڻ کي شاهه سائين مٿئين بيت ۾ چٽائيءَ سان بيان ڪيو آهي. سندس ڪلام ۾ انيڪ بيت هن موضوع سان لاڳاپيل آهن، بلڪه سندن سڄي پيغام جو محور ئي اهو آهي ته پاڻ سڃاڻو ته ڌڻي سڃاڻندؤ.
هادين هميشه اها هدايت ڪئي آهي ته پهرين حياتيءَ جو مقصد سمجهو، پوءِ حياتي ماڻيو. سندن موجب، خود شناسي ئي خدا شناسي آهي. خود شناسي پيدا ٿيڻ کانپوءِ انسان لاءِ حياتيءَ جو مقصد سمجهڻ ۽ ان کي ماڻڻ آسان ٿيو پوي. يا ايئن چئي سگهجي ٿو ته رب تعاليٰ جو جلوو اندر ۾ موجزن هئڻ واري حقيقت پروڙڻ کانپوءِ سڀ مشڪلون آسان ٿيو پون. `اول ۽ آخر آهي هلڻ منهنجو هوت ڏي ` جيان جڏهن سچا عاشق مقصدي واٽ اختيار ڪندا، تڏهن منزل خود ئي وٽن هلي ايندي. عارفن ۽ عاشقن وٽ ڪثرت ئي وحدانيت آهي ۽ ڪائنات جي هر شيءِ ۾ ڌڻيءَ جو جلوو آهي. باطن شناسي کين مَنْ عَرَفَ نَفْسَهُ فَقَدْ عَرَفَ رَبَّهُ (ترجمو: جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو) جي مقام تي پهچائي ٿي. پوءِ عالم ملڪوت جا نقش و نگار جلوا ٿا پسائين.
وَحدتان ڪَثرتَ ٿي، ڪَثرَتَ وحدت ڪُلّ،
حَقُ حقيقي هيڪِڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
هُو هُلاچو هُلّ، بِالله سَندو سَڄَڻين.
(1- 18، ڪلياڻ)
شاهه صاحب جي مٿئين بيت تي ڌيان ڌرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ تصوف جي راهه ۾ وحدت الوجود جي نظريي جي اپٽار ڪيائون. برصغير هند و پاڪ ۾ جيڪي تصوف جون تحريڪون سندن دور ۾ ۽ کانئن اڳ هليون، تن جي کين ڀليءَ ڀت خبر هئي.
شاهه کي صوفي بزرگن جي شهادتن ۽ سوريءَ سيج چڙهڻ جي مشاهدن گهڻو اثر ڪيو. سرمد جي شهادت وقت ڀٽائي يارهين ورهين جو هو. شاهه عنايت شهيد جي شهادت وقت سندن ڦوهه جوانيءَ جو دور هو. روايتن مطابق سندن عمر 28 سال هئي. سندن ڪلام تي شاهه عنايت جي ڪلام جو گهڻو اثر ٿيو. صوفين ۾ منصور حلاج جي ذڪر کي شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ هن ريت آندو آهي:
جَرَ ٿَر تِکَ تنوار، وڻ ٽِڻ وائي هيڪَڙي
سڀيئي شيءِ ٿيا، سُوريءَ سزاوار،
هَمَہ منصورَ هزار، ڪَهِڙا چاڙهيو چاڙِهئين؟
((9-، سر سهڻي)
اهو چئي سگهجي ٿو ته شاهه لطيف جي ڪلام ۾ جيڪا تصوف جي اپٽار وحدت الوجود جي نظريي تحت آهي، انهيءَ ۾ پاڻ پنهنجي دور جي تاريخي، سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ مذهبي ماحول کي ڄاڻندي هڪ اهڙو اسلوب پيش ڪيائون، جو سندن صوفياڻي ڪلام جي ڪنهن به سٽ تي ڪڏهن به ڪي اعتراض نه ٿيا آهن. صدين کان سندن ڪلام ڄاڻائي ٿو ته ڀٽ ڌڻي زندگيءَ جو اونهو اڀياس ڪري ان جي مثبت روين کي اڳيان آندو آهي. تصوف کي به رازن، رمزن ۽ ڍڪ سان پيش ڪيو اٿن.
اندر جي اڇائي، اخلاص، پاڻپي کان آجائي ۽ گمان جو خاتمو ئي محبوب جو سچو رستو آهي، ٺلهي سڪ ۽ سڌ رکڻ سان سپرين ملڻ محال آهي. جڏهن هو اسان ۾ موجود آهي ته پوءِ اسين غور و فڪر ڇو نٿا ڪريون. ڪيترن هنڌن تي قرآن پاڪ ۾ حڪم آهي ته افلا تنظرون ، افلا تبصرون . (ترجمو): پوءِ توهين غور فڪر ڇو نٿا ڪريو؟ يا توهين ڇو نٿا ڏسو؟ پر دنيا جي انڌ جي پٽي انساني اکين تي چڙهيل هئڻ ڪري، سندس دِل حاضر نه آهي ۽ جڏهن اکڙين ۾ جرڪجر آهي ته پوءِ غور و فڪر ڪيئن ٿيندو؟ سپرين سڃاڻڻ ئي بندي جو پرين پسڻ آهي.
نَڪا اِبتدا عَبدَ جي، نَڪَا اِنتها،
جَنِ سُڃاتو سُپرين، سي وڃڻ کي ويا
سچو طالب ٿي طلبڻ ئي محبتين جو مَرڪُ ۽ حق جو رستو آهي.
اَنَا عَبدُ، مَعبودُ تون ات نَڪو شِرِڪُ نه شَڪُ،
پَچارون پِرِيَنِ جون، مُحَبتين مَرَڪُ،
سو سڀوئي حَقُ، جنهن ۾ پَسَڻُ پرينءَ کي.
(1- 10، آسا)
سپرين سڃاڻڻ لاءِ روح جو اصل رستو ظاهري نمازن ۽ ظاهري علم جي حاصلات کان مٿي آهي. خود علم نه نفعي بخش آهي ۽ نه غير نفعي بخش، بلڪه ان جو مقصد ئي ان جي عظمت جو هئڻ ۽ مڪملتا آهي. لوڪان صرف نحو مون مطالع سپرين. مطابق علم جا سچا عاشق ان کي هنئين سان هنڊائين ٿا ۽ هو ڌڻيءَ جي طرفان جي معرفت کي ئي وسيلو بنائين ٿا، جتان سڀ علم ڦٽي نڪتا آهن.
حياتي جي لاهين چاڙهين ۽ زندگي ۽ موت جي حقيقت تي غور ۽ فڪر ڪرڻ سان خود شناسي ۽ خدا شناسيءَ جو فلسلفو سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. شيخ اياز موجب:
تون ئي منهنجو ساهه، تون ئي آهه ويساهه،
تون جو آنهه الله، مون کي مون کان ويجهڙو،
اُٿي اورِ الله سين، جئن ڪوڏ ڀرن،
جن ۾ سمنڊ سرن، سرلا ڪري سڏڙا.