اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڪنور دلشاد چيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) آدمشماري 2023ع جي نتيجن جي
منظوري جي لاءِ گڏيل مفادن وري ڪائونسل جو اجلاس اڄ طلب ڪيو آهي. ان حوالي سان اڳوڻي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڪنور دلشاد جو چوڻ هو ته سي سي آءِ گڏيل آدمشماري جي منظوري ڏني ته عام چونڊون گهٽ ۾ گهٽ 15 فيبروري 2024ع تائين پوئتي ٿي وينديون
هن ٻڌايو ته نئين آدم شماري جي گزٽ نوٽيفڪيشن ٿيڻ جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن قانوني طور تي نئين سر تڪ بنديون ڪرائڻ جو پابند آهي، جنهن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 3 مهينن جي آئيني مدي کانسواءِ ٽي مهينا واڌو واڌ به گهربل هوندي