سي سي آءِ 6 ڪئنالن جي منظوري ڏئي چڪي، سنڌ سرڪار به تائيد ڪئي، غلط فهميون ختم ڪريو: واپڊا چيئرمين جو انڪشاف
جنوري 31, 2025
اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) واپڊا چيئرمين جنرل (ر) سجاد غني انڪشاف ڪيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڪئنال جي ڪڍڻ جي منظوري ڏئي چڪي آهي. جنهن ۾ سنڌ حڪومت تائيد ڪئي آهي. ان ڏس ۾ قومي اسيمبلي جي آبي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي جي چيئرمين خالد مگسي جي صدارت هيٺ ٿيو. پاڻي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ وپڊا چيئرمين ، آبي وسيلن واري وزارت جي سيڪريٽري ڊيمن ۽ ڪئنالن جي اڏاوت بابت بريفنگ ڏني، پيپلز پارٽي جي ميمبر سيد ابرار شاهه، سيد جاويد علي شاهه سنڌو درياهه مان واهه ڪڍڻ خلاف آواز اٿاريو. سيد جاويد علي شاهه چيو ته پاڻي جي آڊٽ ڪرائي وڃي. مير منور ٽالپر چيو ته پهرين اسان کي ٻڌايو وڃي ته سنڌو درياهه ۾ ڪيترو پاڻي اچي رهيو آهي، ان مان ڪئنالن لاءِ ڪيترو پاڻي بچندو؟. سنڌ مان ڪئنال ڪڍڻ جو معاملو ايترو ته اڀري ويو آهي جو هاڻي بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفاقي حڪومت کي ان تي ويهڻو پوندو. وفاقي حڪومت ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سيد ابرار علي شاهه چيو ته جڏهن پاڻي جي کوٽ آهي ته پوءِ ڪئنالن تي پئسا ڇو لڳايا پيا وڃن. پاڻي جي پهرين آڊٽ ٿيڻ گهرجي. آبي وسيلن بابت کاتي جي سيڪريٽري چيو ته هر 10 ڏينهن ۾ پاڻي جي آڊٽ ٿيندي آهي. مير منور ٽالپر چيو ته اسان جي سامهون انگ اکر رکيا وڃن ڪٿي پاڻي جي آڊٽ ٿيندي آهي. 47 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي پر ڪئنال ۽ ڊيم ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن. آبي وسلين بابت سيڪريٽري چيو ته ڪو به ڪئنال يا ڊيم ٺاهڻ جي اهڙي منصوبابندي ناهي ڪئي وئي جنهن جي قومي اسيمبلي مان منظوري نه ملي هجي. پ پ ميمبرن مطالبو ڪيو ته اسٽينڊنگ ڪاميٽي حڪومت کي پاڻي جي آڊٽ ٿيڻ تائين ڪئنالن وارو منصوبي تي عمل روڪيو وڃي. اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين خالد مگسي چيو ته پ پ دور ۾ پاڻي جي ماپ ۽ ورڇ بابت ڪاميٽي منهنجي سربراهي ۾گڊو بئراج جو جائزو ورتو هو، ان وقت 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو فرق اسان کي نظر آيو هو، جيڪو سنڌ کي گهٽ ملي رهيو هو. سنڌ کي 10 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ حصي جو پاڻي نه ملي رهيو آهي. پ پ ميمبر مير منور ٽالپر چيو ته جڏهن پاڻي ناهي ته ڪئنال ڇو ڪڍيا پيا وڃن. چيئرمين اسٽيڊنگ ڪاميٽي خالد مگسي چيو ته ڪئنال ان ڪري ٺهي رهيا آهن ته جڏهن پاڻي وڌيڪ اچي ته ان کي انهن ڪئنالن ۾ ڇڏي سگهجي، ۽ ٻوڏ کان محفوظ رهي سگهجي. پنجاب جي ڪئنال کي سنڌ جي حصي جو پاڻي نه ملندو، نه سنڌ ائين ٿيڻ ڏيندي. چيئرمين واپڊا جنرل ر سجاد غني چيو ته سمورن صوبن ۾ رڳو اهي ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن جن ۾ اضافي پاڻي ڏئي سگهجي ٿو، جيترا به ڪئنال ٺهي رهيا آهن اُنهن کي چار کان پنجا سال لڳي ويندا. پاڪستان وٽ هن وقت جيترو پاڻي آهي اهو 4 کان 5 سالن ۾ ٻيڻو ٿي ويندو. سنڌ ۽ پنجاب ۾ 2 ۽ خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ هڪ هڪ ڪئنال ٺهي رهيو آهي، وفاقي حڪومت سوچي پئي ته سنڌ کي ٻوڏ واري صورتحال کان ڪيئن بچايو وڃي. مير منور ٽالپر چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ته ان کي ٻوڏ کان بچائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو. واپڊا چيئرمين سوال ڪيو ته ڇا سنڌ ۾ ٻوڏ تباهي ناهي ڪندي؟ آبي وسيلن بابت سيڪريٽري چيو سنڌ جو ميمبر موجود هيو. ارسا ڪئنالن جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا. سنڌ حڪومت کي چڱي ريت معلوم آهي ته ڪئنالن ۽ پاڻي تقسيم تي ڇا ٿي رهيو آهي. چيئرمين واپڊا چيو ته 10 ملين ايڪڙ پاڻي جو چار پنج سال ۾ اضافو ٿيندو. گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڪئنال جي ڪڍڻ جي منظوري ڏئي چڪي آهي. جنهن ۾ سنڌ حڪومت تائيد ڪئي آهي. چيئرمين ڪاميٽي چيو ته ڪئنالن جي حوالي سان غلط فهميون وڌيڪ آهن انهن کي ختم ڪيو وڃي.