سي پيڪ جو آسرو ختم:ڪراچي سرڪيولر ريلوي ۽ ڪراچي-سکر ٽرين لاءِ عالمي بينڪ کان مدد طلب

سي پيڪ جو آسرو ختم:ڪراچي سرڪيولر ريلوي ۽ ڪراچي-سکر ٽرين لاءِ عالمي بينڪ کان مدد طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي سرڪيولر ريلوي ۽ ڪراچي-سکر هاءِ اسپيڊ ٽرين کي سنڌ حڪومت جا اهم ھدف قرار  ڏيندي عالمي بينڪ کي سھڪار جي اپيل ڪري ڇڏي. ان حوالي سان ڪالهه عالمي بينڪ جي وفد سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبي ۾ شهري چرپر جي بهتري، ٽرانسپورٽ سسٽم کي مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف ماڊلز تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي سرڪيولر ريلوي ۽ ڪراچي-سکر هاءِ اسپيڊ ٽرين منصوبا سنڌ لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندا، سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته عالمي بينڪ انهن رٿائن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ملاقات دوران سينيئر وزير وفد کي عالمي بينڪ جي سهڪار سان تيار ٿيندڙ ييلو لائن بي آر ٽي رٿا ۾ اڳڀرائي بابت آگاھي ڏني. هن چيو ته ييلو لائن جي اهم حصي تاج حيدر پل، جي هڪ حصي تي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ٻئي حصي تي ڪم تيزي سان جاري آهي، ييلو لائن بي آر ٽي سان لاڳاپيل فيصلا عوام ۽ رٿا جي مفادن کي نظر ۾ رکندي ڪيا پيا وڃن. شرجيل ميمڻ چيو ته رٿا جي وقت سر مڪمل ٿيڻ لاءِ عالمي بينڪ کان وقت سر سھڪار جي ضرورت آهي  هن چيو ته ھلندڙ سال وفاقي حڪومت پاران گرين لائين بي آر ٽي جو آپريشن سنڌ حڪومت حوالي ڪيو ويو آهي،  سنڌ حڪومت پاران منظم ڪيل گرين لائين بي آر ٽي جي روزاني مسافرن ۾ 33,000 جو اضافو ٿيو آهي. وفاقي سرڪار ۽ سنڌ حڪومت اڳ ۾ ڪراچي سرڪيولر ريلوي کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون هيون، چين مان سهڪار جو آسرو گهٽجڻ بعد عالمي بينڪ کان مدد گهري وئي آهي