اھا راولپنڊيءَ جي سرد ۽ سفاڪ شام ھئي. ان شام جو منظر سياري جي مند ۾ ھن مھل تائين منجمد ٿيل آھي. سياري جي سرد ھوائن ۾ اڳ صرف سائبيريا جا پکي ھن ديس جو رخ ڪندا ھئا پر ھاڻي انهن جي پرن تي ھن جي سار به سوار ھوندي آھي. پھاڙي ڳوٺ جڏھن برف ۾ پورجي ويندا آھن، تڏھن بلند پيچرن تان لھندڙ لالا پٺاڻ ميداني علائقن جو رخ ڪندا آھن. ساڳي موسم دوران ھاڻي ھن جي ياد به درد جي قسط اڳاڙڻ لاءِ دل جو در کڙڪائيندي آھي.
ھوءَ جنهن کي شيخ اياز ايشيا جي روشني قرار ڏنو ھو.
ھوءَ جنهن لاءِ حسن درس لکيو ھو:
”مٽيءَ ۾ ته آھن، مئا پوربا
اسان کيس دل ۾ ڪيو آ دفن“
موسمن ۽ دل جي ڪيفيتن جو باھمي رشتو بيان ڪرڻ وارا شاعر پنهنجن گيتن ۾ لکندا آھن ته مخصوص موسم ۾ مخصوص غم پنهنجو پاڻ ياد ايندا آھن. موسمن سان صرف گلن جو ٽڙڻ ۽ ميون جو پچڻ مشروط نه ھوندو آھي پر موسمن سان دل جي وسري ويل دردن جي واپسي به پنهنجي واٽ تلاش ڪري وٺندي آھي.
اڄ شام شايد اسلام آباد ۾ بنا پلاننگ جي قائد اعظم يونيورسٽيءَ جو ڪو سنڌي شاگرد پنهنجي ھاسٽل جي ڪمري جي کليل دريءَ مان سرد ھوا سان گڏ درد جي لھر به ايندي محسوس ڪندو ھجي ۽ ان دريءَ مان ڪڏھن نه وسري سگھندڙ ان سنڌي گيت جون صدائون به پھاڙن سان سر ٽڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪنديون ھجن ته:
”تنهنجي ياد جي وري آ وير
لڳي رھي آ ٿڌڙي ھير…..!!“
سو! سرد ھوا لڳي رھي آھي ۽ ھن ديس جي اداس دل ۾ 17 سالن کان ساڳي سور جي سڳنڌ ڦھلجي وئي آھي.
بينظير ڀٽو جي 18ھين ورسيءَ تي وري اھو سوال سوچ جي آسمان تي وڄ وانگر وڪڙ کائي رھيو آھي ته ھن جو اصل قاتل ڪير ھو؟ ڪنهن چينل جي ٽاڪ شو يا يوٽيوب جي ڪنهن وي لاگ ۾ اھو تبصرو ڪرڻ تمام آسان آھي ته “پاڪستان جي ٻين ھاءِ پروفائيل قتلن وانگر ھن قتل ۾ ملوث ڪردارن مٿان به ھن مھل تائين پردو پيل آھي” پر بينظير ڀٽو جي اصل قاتلن جا پيرا کڻڻ وارو ڪم تمام گھڻو ڪٺن ۽ مشڪل آھي.
بينظير ڀٽو جي جيون جو عڪس پيش ڪندڙ تحقيقي ڪتاب به منظرعام تي اچي نه سگھيو آھي ته پوءِ ھن جي قتل جي تفتيش وارو ڪتاب قلمبند ڪرڻ ڪيترو ڪٺن ھوندو!! سستي سياست ۽ سولي صحافت ڪرڻ واري دور ۾ ھن جي زندگي جي مشن ۽ ھن جي قتل جي مقصد کي منظرعام تي آڻڻ جي ڪوشش ته ڇا پر ھاڻي ڪنهن دل ۾ اھڙي حسرت به موجود ناھي.
تاريخ ھاڻي اھڙا انسان تخليق ڪرڻ بند ڪري ڇڏيا آھن، جيڪي تمام گھڻا حسين، ذھين ۽ محنتي ھئا. ذوالفقار علي ڀٽي کان پوءِ ھن جي اھا ڌيءَ جنهن کي ھن “ماءِ ڊيئريسٽ ڊاٽر” جي نالي سان ڪتابي خط لکيو ھو، تنهن جي ذات ۾ اھڙيون صفات موجود ھيون، جنهن کي تاريخ جي راھ تي وقت مسلسل تلاش ڪندو رھندو.
شيخ اياز پنهنجي آتم ڪھاڻيءَ ۾ لکيو آھي ته ڀٽي جي ڦاسيءَ کان پوءِ وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ جڏھن ھو اسلام آباد ويو ھو، تڏھن ھن کي سنڌ سان تعلق رکندڙ جنرل ضياءَ جي ساٿيءَ ۽ ملڪ جي مشھور قانوندان اي ڪي بروھيءَ فون ڪري راولپنڊيءَ گھرايو ھو ۽ بقول اياز چانهن جي ڪوپ تي تمام گھڻي وقت جي ماٺ کان پوءِ اي ڪي بروھيءَ ھن کي چيو ته، “اياز! منهنجي ڄاڻ مطابق ڀٽو دنيا جي انهن تمام ٿورن ماڻھن منجھان ھو، جيڪي تمام گھڻي محنت ڪندا آھن“.
بينظير ڀٽو به پنهنجي شھيد پيءُ وانگر تمام گھڻي محنتي ھئي. ھوءَ جيڪا صرف سياستدان نه ھئي پر ھڪ ماءُ به ھئي. ھڪ ڌيءَ به ھئي. ھڪ ڀيڻ به ھئي. سمورن ذاتي رشتن سان گڏ ھوءَ عوام سان جيڪو سياسي رشتو نڀائيندي رھي، ھن کان پوءِ ھن جي واٽ تي ڪو ٻه وکون به مشڪل ھليو آھي. بينظير ڀٽو جي سياست جي ڪنهن دور سان ڪنهن کي ڪو اختلاف به ٿي سگھي ٿو پر ان پوائنٽ سان اختلاف رکڻ ڪنهن به طرح آسان نه آھي ته ھو محدود وقت ۾ لامحدود ڪم ڪرڻ واري صلاحيت جي مالڪ ھئي. ھوءَ جيڪا ظاھر دشمنن جي حملن ۽ لڪل دشمنن جي سازشن جو مستقل مقابلو ڪندي ھئي. جنهن پنهنجي منتشر ٿيندڙ پارٽيءَ کي آخر تائين منظم رکيو. ھن جيتري محنت ۽ مشقت ڪندڙ سياستدان ھن کان پوءِ پيدا ٿي نه سگھي آھي.
تحريڪ انصاف جي باني اڳواڻ عمران خان سان عشق ڪرڻ وارا ڪجھ به چون ۽ ھو پنهنجي ڪپتان کي ڀلي ذوالفقار علي ڀٽي کان وڏو اڳواڻ قرار ڏين پر بينظير ۽ عمران خان جي ڀيٽ ڪرڻ وقت ڪيترا پھلو خالي ڇڏڻا پوندا. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته بينظير ڀٽو جيان عمران خان کي عالمي سطح تي سڃاڻپ ملي آھي ۽ بينظير وانگر عمران کي به ملڪ اندر نوجوان نسل جو ڀرپور ساٿ مليو آھي پر عمران خان کي ان طبقي جون محبتون نه ملي سگھيون، جيڪي محبتون ڀٽو جي باصلاحيت ڌيءَ ھجڻ جي ناتي سان بينظير ڀٽو جي جھوليءَ ۾ پيون. ٻن سالن کان سخت قيد ڪاٽيندڙ عمران خان لاءِ ھاڻي ان طبقي ۾ ڪجھ ھمدردي پيدا ٿي آھي، جيڪو انگريزي ڪتاب پڙھندو آھي ۽ عالمي سياست جي پسمنظر ۾ صرف غور سان به غرور سان سوچيندو آھي. ذھني طور تي اھو ايليٽ ڪلاس آمريت جي دور ۾ بينظير ڀٽو سان گڏ ھو. انگريزي ٻوليءَ ۾ شاندار انداز سان لکندڙ صحافي ۽ پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ سرڪش شعر لکڻ وارا شاعر جھڙي طرح بينظير ڀٽو جو تذڪرو غيرمشروط محبت سان ڪندا ھئا، اھڙو ڪو لفظ عمران خان جي حصي ۾ نه آيو آھي. بينظير ڀٽو ۽ پاڪستان جي لبرل ڪلاس جا دانشور جنهن اختلافي موڙ تي الڳ ٿيا، ان کان پوءِ به انهن جي شڪايت واري لھجي ۾ پنهنجائپ جو واس محسوس ٿيندو ھو.
پنهنجي شھرت لاءِ سياسي نغما صرف عمران خان نه پر الطاف ڀائيءَ به ٺھرايا ۽ اڄ به اھڙا گانا بجانا پ پ توڙي ن ليگ جي قيادت لاءِ به جلسن جي اسٽيجن تان وڄايا وڃن ٿا پر ڪنهن جي لاءِ به دل جي ساز تان سورن ڀريا سر ايئن نه اڏريا، جيئن باھوءَ جا اھي لفظ ته:
”تاڙي مار اڏار نه باھو
اسان آپي اڊڻ ھاري ھو!“
بينظير ڀٽو کان پوءِ سالن تائين اھو سور سرن ذريعي پنهنجو اظھار ڪندو رھيو، جنهن جا ٻول غمن سبب دونهاٽيل شيشي واري دل جي دريءَ ۾ رکيل ميڻ بتيءَ وانگر ٻرندا ھئا:
”سُڻ چرخي دِي مِٺي مِٺي ڪوڪ
ماھيا مينون ياد آوندا“
ھن ملڪ ۾ ڪنهن به سياستدان اھڙو سفر نه ڪيو آھي، جيڪو سياسي گانن کان ھلي ۽ لوڪ گيتن جي وادين ۾ دور دور تائين لھي وڃي.
بينظير پنهنجي جيون ۾ اميد جي صورت ۽ پنهنجي موت کان پوءِ غم جي مورت بڻجي وئي آھي.
اھا بينظير جنهن کي چترال کان وٺي چانڊڪا تائين ھن ملڪ جا مسڪين ماڻھو پنهنجي گھر جو ڀاتي ڀائيندا ھئا.
اردو ٻوليءَ جي البيلي شاعر احمد فراز لکيو ھو ته:
”اور فراز چاھئين ڪتني محبتين تجھي
مائون ني تيري نام پر بچون ڪا نام رکھ ديا“
شاعرن، فنڪارن ۽ اداڪارن جا نالا ٻارن تي رکڻ جي روايت پراڻي آھي پر جڏھن ڪا غريب ماءُ پنهنجي ڌيءَ جو نالو بينظير رکندي ھئي، تڏھن ھن جي دل ۾ اميد جا سوين سورج ٻرندا ھئا.
اھا حقيقت آھي ته بينظير جھڙو عالمي وقار ٻيو ڪنهن کي نه مليو ۽ بينظير جيان عوام جو غيرمشروط پيار به ٻيو ڪنهن کي نه مليو!! ان سچائيءَ سان گڏ اھا تلخ حقيقت به پنهنجي جاءِ تي پوري شدت سان موجود آھي ته بينظير ڀٽو جي نالي ۾ جيترو عوامي رنج ڪٺو ويو آھي، اھو درد جو الڳ داستان آھي.
بينظير ڀٽو کي ”ڊاٽر آف ايسٽ“ جي تصور مان ڪڍي کيس فينافليڪس جي تصوير بڻائي مفاد ماڻيا ويا آھن، اھو عمل تاريخ جو تلخ الميو بڻجي ويو آھي. بينظير ڀٽو کي بلوچي گاني تائين محدود رکڻ ھن جي ان ذات سان زيادتي آھي، جنهن ۾ محڪوم قبيلن جي مظلوم عورتن لاءِ اتساھ جي اميد ھئي. بينظير ڀٽو کي اقتدار جي علامت بڻائي ڪرپشن ڪندڙ قوتون ھن جي وارثيءَ جي دعويٰ ته ڪري سگھن ٿيون پر بينظير جي واٽ ۽ اقتدار جي اساٽ ۾ زمين آسمان جو فرق آھي. بينظير ڀٽو جو خواب محڪوم عورتن کي معاشي طور تي پاڻ ڀرو ڪري پنهنجن پيرن جي بيھارڻ وارو ھو. بينظير ڀٽو لاءِ اھو عمل برداشت جوڳو نه ھجي ھا ته ھن جي نالي تي مسڪين طبقن جي اڌ آباديءَ کي سرڪاري فقير بڻايو وڃي. بينظير ڀٽو جو مشن مظلوم قومن کي تاريخي حق وٺي ڏيڻ وارو ھو. بينظير ڀٽو لاءِ اھو سودو ڪنهن به طرح سان قبول ڪرڻ جوڳو نه ھو ته اسلام آباد کان اقتدار جو ذرو پرزو وٺڻ لاءِ ڌرتي ۽ درياھ جو سستو سودو ڪيو وڃي.
دنيا جو ھڪ افسوسناڪ دستور اھو به رھيو آھي ته عظيم نالن کي خسيس مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. قائد اعظم کان وٺي قائد عوام تائين ۽ شاعر مشرق کان وٺي دختر مشرق تائين سازشن جا اھي سلسلا تاريخي تسلسل سان ھلندا رھيا آھن. بينظير ڀٽو کي تاريخ جو غم بڻائي اقتدار حاصل ڪرڻ جو جيڪو طريقو جوڙيو ويو آھي، ڪو ته ان کي ٽوڙيندو! ڪو ته ان غم کي غصي ۾ تبديل ڪري اھو مشن مڪمل ڪندو، جنهن جي پارت ڪندي ھڪ قيدي پيءُ عوام جو ھٿ پنهنجي سڀ کان پياري ڌيءَ جي ھٿ ۾ ڏنو ھو!!