سڀ کان پھريان سنڌي ماڻھن کي جس ھجي، انکانپوءِ مبارڪون ھجن. جس انڪري جو ھنن سنڌ مٿان آيل ھر ڏکئي مھل ۾ سدائين جيان ھن ڀيري به سنڌ جي وحدت تي امڪاني وار خلاف شاندار احتجاج ۽ جدوجھد وسيلي ٻيھر پاڻ ملھايو آھي، جنھن تي مخالف وائڙا ٿي ويا آھن. ايستائين جو ايوانن سميت ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ڌرتيءَ سان سندن محبت جو پڙاڏو آھي، جڏھن ته مبارڪون ڏيڻ جو سبب اِھو آھي ته سراپا احتجاج بڻجڻ جي ڪري ھاڻ ملڪي سطح تي اھو تاثر سئو سيڪڙو قائم ٿيو آھي ته ڪجھ به ٿئي، سنڌي ڪراچيءَ کي ڪنھن به طور سنڌ کان ڌار ٿيڻ نه ڏيندا، شايد اھو ئي سبب ھو ته ڪجھ ڏينھن اڳ نون ليگ جو اھم اڳواڻ راڻا ثناءُ اللہ اھو چوڻ تي مجبور ٿيو ته سنڌ جا ماڻھو ڪراچيءَ کي ڌار ڪرڻ جا سخت مخالف آھن. سندس ان ڳالھ جو مزو ان ڪري به آيو ته ھن اھو سڀ ڪجھ نون صوبن جي مھم ھلائيندڙ نيوز چئنل اي آر واءِ جي پروگرام ۾ چيو، جنھن سان اينڪر پرسن محمد مالڪ جا صفا ٺڪاءُ نڪري ويا، ڇاڪاڻ جو ھن گھمائي ڦيرائي کائنس اھو سوال ڪيو ھو ته پ پ قومپرستن کي اڳتي آڻي انھن ذريعي نون صوبن جي مخالفت ڪرائي رھي آھي. پوءِ ھن اھا اميد رکي راڻا ثناءُ اللہ کي ڳالھائڻ جو موقعو ڏنو ته پ پ تي ڇوھ ڇنڊيندو، پر راڻا ثناءُ اللہ پھريون ڀيرو سياسي تدبر ۽ سنڌ جي احتجاجي تحريڪ کي حالتن موجب سمجھندي اھو چيو ته ھو سمجھن ٿا ته پ پ ان احتجاج پٺيان ناھي. راڻا ثناءُ خوبصورت وضاحت ڪندي چيو ته سنڌ جا ماڻھو اھو ڪنھن به طور نٿا چاھين ٿا ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري صوبو ٺاھيو وڃي. ھن اھو چئي محمد مالڪ کي وڌيڪ لاجواب ڪري ڇڏيو ته ڪئنالن واري معاملي تي ٿيل احتجاج پويان به پ پ نه ھئي. سندس چوڻ ھو ته پ پ جو بيس سنڌ آھي، جنھن سبب آخري وقت ۾ ِاھا پاڻ به عوامي راءِ سامھون مجبور ٿي ڪئنالن خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ ميدان تي لٿي ھئي. اھڙي نموني تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر به محمد مالڪ جي نون صوبن بابت ٿيل خاص پروگرام ۾ سنڌي ماڻھن جي احتجاج کي سنجيدہ وٺندي چيو ته، “مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون” پ پ يا قومپرستن جو نعرو ناھي، اھو سنڌي ماڻھن جي دل جو آواز آھي. سندس چواڻي: “ڪنھن کي وڻي نه وڻي پر اھا حقيقت آھي، جنھن کي مڃڻو پوندو.”
نون صوبن جي حمايت ۾ ھلندڙ مھم جي ان سڄي عمل دوران خوشي آھي ته سنڌ مان ڌرتيءَ ڌڻين جي پاسي بيھندڙن جي لسٽ ۾ غير سنڌين جو واڌارو ٿيو آھي. پھرين قيصر بنگالي، مظھر عباس ۽ بصير نويد ھوندا ھئا، ھاڻي ناظر محمود ان قافلي ۾ گڏيو آھي، جڏھن ته ڪجھ عورت مقررن سميت ڪنهن ڪنهن مھل شبر زيدي به ڪم اچي ٿو. باقي سوشل ميڊيا تي وي لاگرن جو وڏو انگ جيڪو غير سنڌين تي ٻڌل آھي، اھو ايم ڪيو ايم جي مھاجر سياست کي رد ڪري سنڌين جي پاسي واضح طور بيٺل نظر اچي پيو، جيڪا سنڌ جي موقف جي وڏي فتح آھي. انھيءَ ڪري اھو ڀلي ڀت چئي سگھجي ٿو ته ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ سنڌين جي احتجاج توڙي ڪاوڙ کي گھڻن سياسي سماجي فورمن ۽ حڪومتي حلقن ۾ باقاعدا محسوس ڪيو ويو آھي. اي آر واءِ جا ٻئي پروگرام ڏسڻ دوران اھو چٽو نظر اچي رھيو ھو ته راڻا ثناءُ اللھ ۽ اسد عمر جي حاضر دماغ جوابن سان محمد مالڪ جي منھن تي مايوسي پکڙجي وئي، جنھن سان اي آر واءِ جي سنڌ مخالف مھم جي ماسٽر مائينڊ ڪامران خان کي به دلي صدمو رسيو ھوندو ته محمد مالڪ ٻنھي اڳواڻن کان سنڌ ٽوڙڻ جي حمايت ۾ نه ڳالھرائي سگھيو.
ھن مھل اھڙي دلي صدمي ۽ مايوسيءَ جي درياءَ ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ۽ خالد مقبول صديقي به غوطا کائي رھيا آھن. انھن مان ھڪڙي لاءِ چون ٿا ته الطاف حسين سان سندس رابطي جا ثبوت مليا آھن، ان ڪري موڪل تي آمريڪا ويو يا ويندو! جڏھن ته ٻيو وري پمز اسپتال سانحي بعد پنھنجي وزارت بچائڻ ۾ مصروف آھي ۽ اھو به ممڪن آھي ته متان ھي سٽون پڙھجڻ تائين وزارت مان بيدخل ٿي چڪو ھجي، ڇاڪاڻ ته صورتحال ڪا چڱي نه اٿس. اھو ئي سبب آھي ته اڪثر پنھنجن ڪالمن ۾ لکندو رهيو آھيان ته سنڌ قدرتي وطن آھي. سنڌي ماڻھو مزاحمت ته ڪندا ئي ڪندا آھن پر سنڌ پنھنجي مخالفن سان پاڻ به وڙھندي آھي. ھي ٻنھي جا جيڪي معاملا بيان ڪيا، اِھا سنڌ جي اُھا مزاحمت آھي، جنھن سنڌ کي سلامت رکيو آھي. ان مان سبق ملي ٿو ته مزاحمت سنڌ لاءِ ضروري آھي، جنھن ۾ قومپرستن اڀرو سڀرو حال ھوندي به شاندار جدوجھد ڪئي آھي. حيدر آباد ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي مارچ ۽ ڌرڻي به پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪايو، جڏھن ته سنڌ جي علمي ادبي لڏي جي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آواز بڻجڻ سان ‘سنڌ ڪاز’ کي فائدو پھتو آھي، ڇاڪاڻ ته ملڪي سطح تي انھن گڏجاڻين جو ذڪر ٿيو آھي. ائين وڪيل به سٺو ڪردار ادا ڪن پيا. تازو جڏھن ناميارو وڪيل اڳواڻ علي احمد ڪرد سنڌ بار کي خطاب ڪرڻ آيو، جتي سندس تقرير ته جوشيلي ھئي ئي ھئي، اتي سنڌ بار جي عھديدارن جيڪو ڳالھايو، اھو انتھائي سخت ھو. ان ڪري اھو چوڻ ۾ ڪو وڌاءِ نه ٿيندو ته سنڌي نارين ۽ شاگردن سميت سنڌ جو ھر ماڻھو سنڌ لاءِ ھر قسم جي تياري ڪري چڪو آھي. جيڪڏھن ڪٿي رنڊڪ ٿي ته مزاحمت ٿيندي، جيڪو سنڌ لاءِ اتساھ آھي.
ھاڻي پاڻ مشاھد حسين سيد جي بيان ڏانھن ھلون ٿا، جيڪو ڌيان ڇڪائيندڙ آھي. ھو چئي ٿو ته آمريڪا پاڪستان ۾ وڏي انگ ۾ صوبا ٺاھي، ان کي سياسي، لساني ۽ فرقيواريت جي بنياد تي ورھائي ڪمزور ڪرڻ چاھي ٿو، انھيءَ ڪري سنڌ دوست قيادتن کي اک پٽي ھلڻ گھرجي. ياد رکو اڳتي ھلي ملڪن مان ملڪ ٺھندا. ڪراچي جھڙي سوني جھرڪيءَ کي صوبو بڻائڻ جي ڪوشش پٺيان گھڻا ئي راز آھن. اڳ به ٻڌايو ھو ۽ وري به ٻڌايان ٿو ته آفاق احمد جو اھو انٽرويو رڪارڊ تي آھي ته اسرائيل جي ڳجھي اداري ‘موساد’ الطاف حسين کي سندس سامھون چيو ھو ته اسان توھان کي ڪراچي ملڪ ٺاھي ڏيارڻ ۾ مدد ڪري سگھون ٿا، سو ان حساب سان ايندڙ وقت ۾ سجاڳ رھڻو پوندو. سنڌين کي جلد کان جلد پنھنجي وڏي شھر جي مالڪي مضبوط بڻائڻي پوندي. ھاڻ ڊاڙ ھڻڻ جو وقت ويو. دنيا ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي اثر ھيٺ ھيءَ جيڪا اُٿل پُٿل ھلي پئي، سنڌ جي قيادت کي اھا سمجھڻي پوندي. مشاھد حسين سيد جو گھڻ صوبن وارو بيان ٻڌائي ٿو ته سنڌ ۾ به گھڻا صوبا ٺاھڻ جو مقصد اھو ھوندو ته جئين اعليٰ طاقتون وقت اچڻ تي وڏيرن، جاگيردارن ۽ شھري مافيا کان ننڍا صوبا سولائيءَ سان فتح ڪن يا اتي بيٺڪيتي نظام ذريعي قبضو ڪري وٺن.
مشاھد حسين جي انھن ڳالھين کان اڳ مٿي پاڻ اتساھ جو ذڪر پئي ڪيو، سو اھو اتساھيندڙ عمل آھي ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي 30 آگسٽ تي ڪراچيءَ ۾ وحدتِ سنڌ مارچ ڪري رھي آھي، جنھن لاءِ سوشل ميڊيا تي سجاڳيءَ واري سٺي مھم ھلائي پئي وڃي، پر ايڪشن ڪميٽيءَ جا اڳواڻ يا انھن ۾ شامل پارٽيون عملي طور انھن سوين ڳوٺن ۽ قديمي علائقن ۾ ناھن پھتيون. جتي جيڪڏھن سنجيدا طريقي سان پرچارڪ مھم ھلائجي ته 50 ھزار ماڻھو ڪڍڻ کاٻي ھٿ جو ڪم آھي، پر سچ پڇو ته ھر سنڌ دوست پارٽي ان ۾ مار کاڌل آھي، سبب ڇا؟ رڳو اھو ته اتي تنظيم سازي ناھي. انھيءَ ڪري رڙيون ڪندا آھيون ته ٻيلي ڪراچيءَ مان ماڻھو رستن تي آڻڻ جي رٿابندي ڪريو ته ٻين شھرن مان ماڻھو آڻڻ لاءِ توھان کي ٽرانسپورٽ تي لکين رپيا خرچ ئي نه ڪرڻا پون. بھرحال ھيءُ مايوسي پکيڙڻ جو وقت ناھي، ايڪشن ڪميٽيءَ ۾ شامل پارٽيون ڪوشش ڪري ماڻھن جي انگ تي ڌيان ڏين. پنج ڏھ ھزار ماڻھو ڪڍڻ مسئلي جو حل ناھي. ھيڏي وڏي ‘ڪاز’ لاءِ تعداد به وڏو ڏيکارڻو پوندو، جنھن لاءِ ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سنڌي ماڻھن کي ھر سال ثقافتي ڏھاڙي تي پاڻمرادو نڪرڻ واري پاليسيءَ تي عمل ڪرڻو پوندو. ان ڏھاڙي ھر وک ڪراچيءَ ۾ ريگل چوڪ ڏانھن ھجڻ گھرجي. ھتي کرو سچ ڳالھائبو ته ريگل چوڪ ھيڏي احتجاج لاءِ ننڍڙو ھنڌ آھي، جتان جيتوڻيڪ پريس ڪلب روانگي ٿيندي، پر گڏ ٿيڻ لاءِ به اھا جاءَ گھٽ آھي.
ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سازش سنڌين لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي، ان ڪري سنڌين کي بي حساب انگ ۾ ٻاھر اچڻو پوندو. جيڪي پارٽيون ايڪشن ڪميٽيءَ ۾ ناھن، انھن کي سنڌ جي وسيع تر مفاد ۾ سڏ ۾ سڏ ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ واري مورچي تان سنڌ ٽوڙڻ جي ڪوشش خلاف ويندڙ پيغام اھم ھوندو.