سٺ ميل: مٺائي دڪان جي ڇت پٽ: ھڪ فوت: 2 زخمي

سٺ ميل: مٺائي دڪان جي ڇت پٽ: ھڪ فوت: 2 زخمي

سٺ ميل(ن پ ا) سٺ ميل ۾ مٺائيءَ جي دڪان جي ڇت پٽ ھڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي، ان ڏس ۾ سٺ ميل جي ھوت فقير روڊ تي مٺائيءَ جي دڪان جي ڇت اوچتو ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ اڪبر سيال ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا رزاق ملڪ ۽ گلزار سولنگي سخت زخمي ٿي پيا، شھرين جو چوڻ ھو ته ڀر واري دڪان جو تعميراتي ڪم جاري ھو، جنھن جو مٽيريل مٺائي واري دڪان جي ڇت مٿان رکيو ويو ھو، گھڻي وزن سبب افسوسناڪ واقعو پيش آيو .