سٺ ميل واسي ٻالڪ پاران ڪئنالن خلاف ڊوڙي احتجاج
اپريل 4, 2025
نوابشاهه(رپورٽر) سٺ ميل واسي 6 ورھين جي ٻالڪ محمد زنير مري سنڌو درياءَ مان 6 نوان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف نوابشاھ کان سٺ ميل تائين 17 ڪلو ميٽر ڊوڙ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ان موقعي تي ٻالڪ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاپ حڪومت سنڌ مان پاڻي جا ڪئنال ڪڍي رھي آھي، جيڪي اسان ڪڍڻ نه ڏينداسين، سنڌو درياهه مان ڪينال نڪتا ته پيئڻ لاءِ پاڻي نه ملندو، سنڌ واسي گھرن کان نڪري پاڻي خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائين، هن چيو ته وڏو ٿي ايٿليٽ ٿيڻ چاھيان ٿو، والد مظفر مري جو چوڻ ھو ته ٻالڪ 17 ڪلوميٽر ڊوڙي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آھي، پاڻي اسان جو جياپو آھي، سٺ ميل پهچڻ تي شھر واسين ٻالڪ جي ڀرپور آجيان ڪئي.