| سٺ ميل ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پريس ڪلب اليون کٽي ورتي |
سٺ ميل (ن پ ا) سٺ ميل ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پريس ڪلب اليون کٽي ورتي. تفصيل موجب سٺ ميل ۾ هر سال جيان هن سال به پريس ڪلب سٺ ميل طرفان ڪرايل ٻن ڏينهن واري نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ علائقي جي 35 ٽيمن حصو ورتو. فائنل مقابلي ۾ پريس ڪلب سٺ ميل جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي ٻن اوورن ۾ 43 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جواب ۾ جمالي جانباز اليون مقرر اوورن ۾ صرف 20 رنسون ٺاهي سگهي اهڙي ريت پريس ڪلب سٺ ميل جي ٽيم نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي چيمپيئن بڻجي وئي ٽورنامينٽ ۾ خاص مهمانن طور صحافي ذوالفقار علي خاصخيلي، سمير حسين شاهاڻي، سيد غلام نبي شاهه، جسقم اڳواڻ شعبان علي ماٽي، پيپلزپارٽي اڳواڻ فيروز گل لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مهمانن جو چوڻ هو ته اهڙيون صحتمند سرگرميون نوجوانن کي مثبت رستن تي آڻين ٿيون هنن چيو ته جيڪڏهن گرائونڊ آباد هوندا ته اسپتالون ويران ٿينديون تنهنڪري راندين جي اهڙن پروگرامن کي هٿي ڏيڻ گهرجي ته جيئن رانديگرن کي پنهنجو ٽيلينٽ ڏيکارڻ جا بهتر موقعا ملي سگهن. تقريب جي پڄاڻي تي ٽورنامينٽ آرگنائيزر ٽيم طرفان آيل مهمانن کي سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا