| سپارڪو جو وڏو ڪارنامو: اي او 3 سيٽلائٽ خلا ۾ اماڻي ڇڏيو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپارڪو جو وڏو ڪارنامو، پاڪستان جو مقامي اليڪٽرو آپٽيڪل سيٽلائيٽ اي او 3 سيٽلائيٽ ڪاميابي سان لانچ ڪيو ويو۔ اي او 3 سيٽلائيٽ تائي يوان لانچ سينٽر مان خلا ۾ موڪليو ويو۔ پاڪستان خلائي ميدان ۾ اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي. اي او 3 سيٽلائيٽ شهري منصوبابندي ۽ ماحولياتي تحفظ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ غذائي تحفظ ۾ سيٽلائيٽ اهم ڪردار ادا ڪندو. اي او 3 سيٽلائيٽ جي لانچ کي خود انحصاري ۽ ٽيڪنالاجي ڏانهن وڏو قدم قرار ڏنو ويو. ارٿ آبزرويشن سسٽم جي قيام ۾ اي او 3 سنگ بياد ثابت ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف سپارڪو جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي خراج تحسين پيش ڪندي خلائي شعبي ۾ چين جي سهڪار کي ساراهيو ويو. پاڪستان ۽ چين جي دوستي خلائي ميدان ۾ به مضبوط آهي۔