سپارڪو جي انساني خلائي مشن پروگرام ۾ اڳڀرائي: 2 خلاباز چين روانا

سپارڪو جي انساني خلائي مشن پروگرام ۾ اڳڀرائي: 2 خلاباز چين روانا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپارڪو جي انساني خلائي مشن پروگرام ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جنهن تحت ٻن خلا باز اميدوارن خرم دائود ۽ محمد ذيشان علي کي جديد تربيت لاءِ چين موڪليو ويو آهي۔ ٻئي اميدوار مستقبل ۾ خلا ۾ ويندڙ مشن جو حصو بڻجندا، جيڪا پاڪستان جي خلائي تحقيق جي سفر ۾ هڪ اهم سنگ ميل سمجهي پئي وڃي۔ هن ترقي کان پوءِ پاڪستان انهن محدود ملڪن ۾ شامل ٿي رهيو آهي، جيڪي انساني خلائي اڏامن جي پروگرام ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن۔ پاڪستان پهريون ڀيرو چائنا اسپيس اسٽيشن جي مشن ۾ شرڪت جي تياري ڪري رهيو آهي، جيڪو 2026ع جي آخر ۾ متوقع آهي.