| سپاهي جي نوڪري ڏيو: اميدوارن جو وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ: چڪريون:15 گرفتار |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سپاهي جي نوڪرين لاءِ ٽيسٽ پاس اميدوارن جو مارچ: چڪريون : 15 گرفتار، ان ڏس ۾ سنڌ پوليس ۾ سپاهي جي ڀرتي لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 2024ع جي ويٽنگ اميدوارن آفر آرڊر جاري نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب کان وزيراعليٰ هائوس ڏانهن ريلي ڪڍي مارچ ڪيو، انهي دوران پوليس ڪيترن ئي اميدوارن کي گرفتار ڪري ورتو. ويٽنگ اميدوار سرور بيگ شهيد روڊ کان سي ايم هائوس طرف روانا ٿيا ته پيٽرول پمپ وٽ پوليس اٽالن قلم 144 جو عذر ڏئي کين روڪي ڇڏيو، انهي دوران اميدوار اڳتي وڌڻ لاءِ بضد رهيا، جنهن تي پوليس مظفر جوکيو، فاروق شر، زاهد ميمڻ، بابر جاگيراڻي، زوهيب خاصخيلي، وسيم بليدي سميت 15 اميدوارن کي گرفتار ڪري آرٽلري ميدان ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن احتجاج ڪندڙ اميدوارن جو چوڻ هو ته اهي پنهنجي حق لاءِ پرامن احتجاج ڪري رهيا هئا، پوليس ناجائزي ڪندي کين گرفتار ڪيو. هنن ڪيو ته جيڪڏهن کين آفر آرڊرز جاري نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.