| سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۽ جوڊيشل ڪميشن جي نئين جوڙجڪ: چيف جسٽس يحييٰ آفريدي سربراهه: جسٽس امين، جسٽس منيب، جسٽس حسن، جسٽس جمال شامل |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 27هين آئيني ترميم تحت سپريم جوڊيشل ڪائونسل، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪاميٽي ۽ جوڊيشل ڪميشن جي نئين سر تشڪيل ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ ٽن اهم عدالتي ادارن جي نئين سر تشڪيل متعلق جاري ڪيل پڌائيءَ ۾ چيو آهي ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي سربراهي هاڻي چيف جسٽس يحييٰ آفريدي ڪندو. جڏهن ته وفاقي آئيني عدالت جو چيف جسٽس امين الدين خان سينيئر ميمبر هوندو. جسٽس منيب اختر، جسٽس حسن رضوي ۽ جسٽس جمال مندوخيل به ڪائونسل جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن، جن مان جسٽس مندوخيل جي نامزدگي ٻنهي چيف جسٽس صاحبان جي مشاورت سان ڪئي وئي آهي. ساڳي طرح پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪاميٽي جي به نئين سر تشڪيل ڪئي وئي آهي، جنهن جو سربراهه به چيف جسٽس يحيي آفريدي هوندو. جڏهن ته جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس جمال مندوخيل ڪاميٽي جا ميمبر مقرر نامزد ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه 27هين آئيني ترميم تحت جوڊيشل ڪميشن جي نئين سر تشڪيل پڻ مڪمل ڪئي وئي آهي. هن ڪميشن جي سربراهي چيف جسٽس يحييٰ آفريدي ڪندو، جڏهن ته چيف جسٽس امين الدين خان، جسٽس منيب اختر، جسٽس حسن رضوي ۽ چيف جسٽس عامر فاروق ان جا عدالتي ميمبر هوندا. قانون وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور اعواڻ، حڪومت ۽ اپوزيشن جا ٻه ٻه پارليماني ميمبر، پاڪستان بار ڪائونسل جو نامزد وڪيل ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان نامزد عورت ميمبر به ڪميشن جو حصو هوندا.