سپريم ليڊر جي صلاحڪار بابت اهم خبر اچي وئي
جُون 20, 2025
تهران (پنهنجي ڊيسڪ) علي شمخاني 13 جون تي اسرائيلي حملي جي پهرين مرحلي ۾ سخت زخمي ٿي پيو هو. اسرائيلي حملي ۾ زخمي ٿيندڙ ايراني سپريم ليڊر جي سينئر صلاحڪار علي شمخاني جي صحت بابت اهم خبر سامهون آئي آهي. سندس حالت هاڻي بهتر ٿي چڪي آهي.
ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب، سپريم ليڊر جو اعليٰ صلاحڪار علي شمخاني اسرائيلي حملي ۾ سخت زخمي ٿيو هو، هاڻي حالت بهتر آهي.
هڪ بيان ۾ علي شمخاني چيو ته مان زنده آهيان ۽ پاڻ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان
سائرن وڄندي ئي اسرائيلي نيوز چينل تي افراتفري مچي وئي، اينڪر ۽ مهمان لائيو پروگرام ڇڏي ڀڄي ويا.
ياد رهي ته 13 جون تي اسرائيلي حملي جي پهرين مرحلي ۾ ايراني سپريم ليڊر جي سينئر صلاحڪار علي شمخاني جي گهر تي به حملو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿيو هو، جڏهن ته ڪجهه نيوز ايجنسين سندس شهادت جي خبر ڏني هئي.