سپريم ڪورٽ احتساب عدالتن کي فيصلا ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو
آڪٽوبر 31, 2023
سپريم ڪورٽ نيب ترميمون رد ڪرڻ واري فيصلي تحت احتساب عدالتن کي حتمي فيصلا ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو
پريڪٽس اينڊ پروسيجر بابت تفصيلي فيصلو اچڻ کانپوءِ انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ چيو ته نيب ترميمن واري ڪيس جو فيصلو معطل نه ڪنداسين، احتساب عدالتن کي حتمي فيصلو ڪرڻ کان روڪينداسين
چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ نيب ترميمون رد ڪرڻ واري فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي هلائي
درخواست گذار جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته مسئلي جو حل اهو آهي ته توهان نيب ترميمن خلاف عدالتي فيصلو معطل ڪري ڇڏيو
جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن اسٽي آرڊر ڏينداسين ته پوءِ احتساب عدالتن ۾ ڪيس رڪجي ويندا، منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ڪو به قانون معطل ٿي نه ٿو سگهي، جڏهن نيب ترميمن جو ڪيس هلي رهيو هو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون لاڳو هو، ٽئين ترميم جو جائزو وٺڻ کانسواءِ پهرين ۽ ٻي ترميم ڪيئن ڪالعدم قرار ڏئي سگهجي ٿي؟
چيف جسٽس چيو ته مان جسٽس اطهر من الله جي آبزرويشن سان اتفاق ڪيان ٿو، نيب قانون ۾ ٽئي ترميمون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، عدالت نيب ترميمن بابت تفصيلي فيصلو اچڻ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي