سپريم ڪورٽ اپيل فورم رهجي وئي: عالمي تنظيم 27هين ترميم رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ اپيل فورم رهجي وئي: عالمي تنظيم 27هين ترميم رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) عالمي تنظيم انٽرنيشنل ڪميشن آف جيورسٽس (آءِ سي جي) 27 هين ترميم خاص طور وفاقي آئيني عدالت جي جوڙجڪ، ججن جي مقرري، جوڊيشل ڪميشن جي نئين ترتيب، هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بدلين، صدر ۽ فوجي قيادت کي ڇوٽ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. آءِ سي جي چيو آهي ته ترميم کان پوءِ سپريم ڪورٽ صرف اپيل جو فورم رهجي وئي آهي. آئين جي تشريح جو حق سپريم ڪورٽ کان آئيني عدالت منتقل ڪيو ويو آهي. ترميم ۾ ججن جي مقررين جا معيار يا اصول واضح ناهن ڪيا ويا.