سپريم ڪورٽ جو فيصلو: مخصوص سيٽن جي بحالي جو نوٽيفڪيشن جاري
جُولاءِ 2, 2025
اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ مخصوص سيٽن جي بحالي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي ۾ خيبرپختونخواهه مان عورتن لاءِ 5 مخصوص سيٽون بحال ڪيون ويون آهن، ۽ خيبرپختونخواهه مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي کي 2-2 سيٽون مليون آهن، جڏهن ته جي يو آءِ (ف) کي هڪ سيٽ ملي آهي.
پنجاب مان قومي اسيمبلي ۾ عورتن لاءِ يارهن خاص سيٽون بحال ڪيون ويون آهن، جن مان 10 سيٽون مسلم ليگ (ن) ۽ هڪ پيپلز پارٽي کي ڏني وئي آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي ۾ ٽي اقليتي سيٽون به بحال ڪيون ويون آهن، جن مان مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ (ف) کي هڪ هڪ اقليتي سيٽ ملي آهي.
خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ عورتن لاءِ 21 مخصوص سيٽون بحال ڪيون ويون آهن، جن مان جي يو آءِ-ف کي 8، مسلم ليگ (ن) کي 6 ۽ پي پي پي کي 5 سيٽون مليون آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ پارليامينٽرين ۽ اي اين پي کي به هڪ هڪ مخصوص سيٽ ملي آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ 4 اقليتي سيٽون به بحال
ڪيون ويون آهن، جن مان جي يو آءِ (ف) کي 2، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي کي هڪ هڪ اقليتي سيٽ ملي آهي.
پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن لاءِ 24 مخصوص سيٽون بحال ڪيون ويون آهن، جن مان 21 سيٽون (ن) ليگ، هڪ پيپلز پارٽي، هڪ اتسو پاڪستان پارٽي ۽ هڪ مسلم ليگ (ق) کي ڏنيون ويون آهن.
اليڪشن ڪميشن موجب، پنجاب اسيمبلي ۾ 3 اقليتي سيٽون بحال ڪيون ويون آهن، جن مان (مسلم ليگ (ن) کي 2 اقليتي سيٽون ۽ پيپلز پارٽي کي هڪ سيٽ ملي آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن لاءِ 2 مخصوص سيٽون بحال ڪيون ويون آهن، جن مان هڪ عورتن جي سيٽ پيپلز پارٽي ۽ هڪ ايم ڪيو ايم کي ڏني وئي آهي.
اليڪشن ڪميشن جنرل سيٽن تي ڪامياب اميدوارن کي پي ٽي آءِ اميدوار قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو. انهن اميدوارن قومي اسيمبلي، پنجاب اسيمبلي، خيبر پختونخوا اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي مان جنرل سيٽون کٽيون هيون.