سپريم ڪورٽ جي ججز خلاف سوشل ميڊيا مهم روڪڻ لاءِ جي آءِ ٽي قائم: آءِ ايس آءِ به شامل

جنوري 17, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزارت سپريم ڪورٽ جي ججز خلاف گمراهه ڪندڙ مهم روڪڻ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ورتي، ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي جي سربراهي ۾ خصوصي جي آءِ ٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جي آءِ ٽي کي 4 هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جي آءِ ٽي ۾ آءِ بي، آءِ ايس آءِ، اسلام آباد پوليس جي ڊي آءِ جي ۽ پي ٽي اي جا آفيسر شامل هوندا، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي جاچ ڪندي ته ڪهڙن سوشل ميڊيا اڪائونٽس وسيلي سپريم ڪورٽ جي ججز جي ڪردار ڪُشي ڪئي وئي، مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ تجويزون پيش ڪندي، جي آءِ ٽي کي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

Leave A Comment