سپريم ڪورٽ جي جج مظاهر نقوي شاهدن جي بيان کان هڪ ڏينهن اڳ استعيفا ڏئي ڇڏي

جنوري 11, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج مظاهر اڪبر نقوي پنهنجي خلاف جڊيشل ڪائونسل ۾ 10 شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ استعيفا ڏئي ڇڏي، ايوان صدر ڏانهن استعيفا ۽ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ڏانهن ڪاپي اُماڻي وئي، مظاهر نقوي استعيفا ۾ لکيو ته هاڻوڪين حالتن ۾ ڪم جاري رکڻ ممڪن ناهي رهيو، مظاهر نقوي شوڪاز نوٽيس تي جڊيشل ڪائونسل ڏانهن لکيل جواب ۾ چيو ته مٿس لڳايل الزام ڪوڙا آهن، غلام محمد ڊوگر ڪيس ۾ ڪو رليف نه ڏنو ۽ نه ئي زاهد رفيق کي رليف ڏنو، زاهد رفيق پُٽن کي پلاٽ ڏنو ته اِن معاملي سان منهنجو ڪوبه واسطو ناهي، منهنجو لاهور جي ڇانوڻي وارو گهر ٽئڪس گوشوارن ۾ ظاهر آهي، اٽارني جنرل تي اعتراض ڪندي مظاهر نقوي لکيو ته اٽارني جنرل سندس خلاف شڪايت ڪندڙ پاڪستان بار ڪائونسل جو چيئرمين آهي، بار ڪائونسلز جون شڪايتون سياسي آهن، پي ڊي ايم جي چرچ تي شڪايتون درج ڪيون ويون، شوڪاز جي جواب کان اڳ شاهدن جي طلبي قانون جي خلاف آهي. جڏهن ته استعيفا تي هڪ سال اڳ جي تاريخ 10 جنوري 2023ع لکيل هئي جنهن تي بعد ۾ جسٽس مظاهر سيڪريٽري صدر مملڪت کي خط موڪليو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس مظاهر جي استعيفا تي غلطي سان تاريخ ۾ 2024ع بدران 2023ع لکجي ويو ، تاريخ 2024ع تصور ڪندي استعيفا منظور ڪئي وڃي، واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جسٽس مظاهر نقوي جي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي روڪڻ جي استدعا رد ڪئي هئي.  سپريم جڊيشل ڪائونسل پاران جسٽس مظاهر نقوي کي ٻه شوڪاز جاري ٿيا. سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي جي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهي. جنهن ۾ هن مٿان اثاثن متعلق الزام هئا. سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ٽه رڪني بينچ جي ٻڌڻي ٿي، جڏهن ته هڪ ٻڌڻي اوپن ڪورٽ ۾ ٿي. سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪاروائي روڪڻ تي به ٽي ٻڌڻيون ٿيون آهن. جسٽس مظاهر نقوي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي شوڪاز نوٽيس جو تفصيلي جواب جمع ڪرائيندي پاڻ مٿان لڳل الزامن جي ترديد ڪئي هئي.

Leave A Comment